الطاف پيرزادو

الطاف پيرزادو

الطاف پيرزادو

الطاف پيرزادو: مشھور صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيرزادي، 12 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسـڪـول ڏوڪـريءَ مـان
(1991ع) پاس ڪئي. شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2006ع ۾ صحافت شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن جنوري 1993ع کان روزاني اخبار ’جاڳو‘ ڪراچيءَ ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪيو، بعد ۾ روزاني عوامي آواز ۽ روزاني سنڌ (حيدرآباد) ۾ سب ايڊيٽر رهيو، ان سان گڏ روزاني سنڌ حيدرآباد جو لاڙڪاڻي لاءِ بيورو چيف (1996ع)، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي/سکر جو لاڙڪاڻي لاءِ بيورو چيف (1998ع)، روزاني تعمير سنڌ جو ڪراچيءَ لاءِ بيورو چيف (2000ع) بہ رهيو ۽ 2002ع ڌاري روزاني ’ڪاوش‘ حيدرآباد جو سب ايڊيٽر رهيو. 2002ع ڌاري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي. پي. پي) ۾ رپورٽر ۽ ٽرانسليٽر طور ملازمت اختيار ڪيائين. 2009ع ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ خبرن واري شعبي لاءِ سب ايڊيٽر چونڊيو ويو. 2010ع واري ٻوڏ ۾ رپورٽنگ ڪرڻ تي مڃتا طور کيس ريڊيو پاڪستان طرفان چين جي شھر شنگهائيءَ ۾ صحافين لاءِ 13 کان 27 سيپٽمبر 2010ع تائين ڪورس ۾ شرڪت لاءِ موڪليو ويو ۽ کيس سال جي بھترين رپورٽر جي اوارڊ سان بہ نوازيو ويو. 1998ع ۾ عالمي نشرياتي اداري بي. بي. سي ٽيليويزن سان ڪاروڪاري رسم بابت دستاويزي فلم لاءِ گائيڊ طور ڪم ڪيائين ۽ ريڊيو پاڪستان لاءِ سنڌ ۾ ’ڀنگ لاءِ اغوائون‘ جي عنوان تي ڊاڪيومينٽريون بہ تيار ڪيائين. هن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو سب ايڊيٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

12.10.1972  عيسوي

مشهور صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيرزادي ، 12 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آمنہ بلوچ
عباس ڪوريجو
علي بغدادي شيخ
علي رضا ڪٽپر
ولي محمد تراب صوفي
احمد جي چاڳلا
ابرار قاضي
پير نور شاھہ هاشمي
ايوب گل
اليگزينڊر برنس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون