الفاروق
الفاروق (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار ميرپورخاص مان شايع ٿيندي هئي، جنهن جو ايڊيٽر علي نواز جاڙيجو ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر مولوي عبدالحق رباني هئا. هيءَ اخبار 1951ع ڌاري شايع ٿي. هن اخبار ۾ سياسي، سماجي ۽ ديني خبرون شايع ٿينديون هيون. هيءُ اخبار رباني پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي. جيڪا ڇهن صفحن تي مشتمل هئي، جنهن جي قيمت هڪ آنو ڇهه پئسا هئي.