
چارلس نيپئر
الف خان ترين خانبهادر: خانبهادر الف خان ترين، شڪارپور جي انهن بھادر سپاهين مان هڪ ٿي گذريو آهي، جيڪو پنھنجي همت، جوانمرديءَ ۽ دانشمنديءَ سان، شھرت جو منزلون طئي ڪندي وڃي وڏي درجي تي پهتو. سندس ان ڳالھہ کان قطع نظر تہ هو انگريزن جو وفادار هو، هڪ سپاهيءَ جي حيثيت ۾ هن جي ترقي غير رواجي آهي. انگريزن جي ابتدائي دور ۾، هي سپاهي ڀرتي ٿيو ۽ پنھنجي سرگرمين کان پوءِ حڪومت جو منظور نظر ٿي رهيو. شڪارپور جي تاريخ ۾ سندس نالو هميشہ ياد رهندو. سندس والد نواب خان، قنڌار جي تعلقي پشين جي ٻھراڙيءَ جو رهاڪو هو. پنھنجي قبيلي جي سرخيل هئڻ جي حيثيت ۾، چڱي رسوخ ۽ عزت وارو هو. ان وقت احمد شاھہ ابداليءَ جي فرزند تيمور شاھہ جي حڪومت جو دور هو، نواب خان جو لمغ قبيلي جي ماڻهن سان تڪرار ٿي پيو ۽ پنھنجي ڪٽنب کي ڳوٺان وٺي نڪري، هو 1819ع ڌاري، شڪارپور ۾ آيو ۽ سڪونت اختيار ڪري، نواب خان افغاني گورنر جي معرفت، شھر کان ٿورو ٻاهر زمين جو هڪ ٽڪر خريد ڪيائين ۽ ان جي آباديءَ تي پنهنجو گذران ڪندو رهيو. سال 1818ع ڌاري کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو الف خان رکيائين.
الف خان جي تربيت پنھنجي پيءُ جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. هو ننڍي هوندي ئي سگهارو ۽ جنگجو ٻار ثابت ٿيو. سندس والد جو ارادو هو تہ هو زمين جي سنڀال طرف پنهنجو ڌيان ڏئي، پر هن ملڪي حالتن کان متاثر ٿي، فوجي زندگي اختيار ڪرڻ جو پختو ارادو ڪيو. جاگيرداري نظام ۾ اها ڳالھہ اڻ ٿيڻي نہ هئي تہ هڪ سپاهي، پنھنجي بخت جي ياوريءَ سان هڪ تاجدار بڻجي وڃي. فوجي ڀرتيءَ لاءِ ڪرنل ايسٽوڪ پنھنجي فوجي مشير ايميل کي موڪلي ڏنو. الف خان بہ ان زماني ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ پنھنجي ڳوٺ مان ٻين ساٿين سان گڏجي ڀرتي ٿيڻ لاءِ شڪارپور ۾ آيو. عطا محمد شڪارپوريءَ لکيو آهي تہ:
”ڪپتان ايميل صاحب، سڄي ملڪ جي حفاظت لاءِ مقرر ٿي آيو، هن چار سو کن ماڻهو، پٺاڻن، کوسن ۽ ڪهيرين مان، جيڪي هن ملڪ جا هئا، ڀرتي ڪيا. پيادي جي پگهار 15 روپيا، سوار جي 20 روپيا ۽ جمعدار جي 50 رپيا ٿي.“
سال 1839ع ۾ هو ڪئپٽن ايميل جي فوجي دستي ۾ ڀرتي ٿيو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ايميل، پنھنجي فوجي دستي سان ٻاهر نڪري پيو. ڏينهن ڪافي سرد هو. بولان جي پهاڙن جون چوٽيون چوڌاري برف سان ڍڪيل هيون. هو ميدان جي طرف وڌندو رهيو. تان جو هڪ جهنگ ۾ وڃي پهتو. هو ان حقيقت کان بلڪل بيخبر هو تہ اتي ڪو بجار خان جو فوجي پڙاءُ آهي. ايميل بيخبريءَ ۾ اڳتي وڌيو. بجار خان ڪمين گاھہ مان سندس چرپر کي ڏسي رهيو هو. هن موقعي کي غنيمت سمجهي، ايميل ۽ سندس رفيقن تي حملو ڪري ڏنو. ڪهيري ۽ کوسن سپاهين، بجار خان کي ڏسندي ئي ميدان کان موڪلايو. هن عمل سبب ايميل، بجار خان جي ماڻهن ۾ گهيرجي ويو، پر الف خان اڳتي وڌي وڙهندي ايميل کي گهيري کان ٻاهر ڪڍي آيو. ڪهيري سپاهي وڃي ڦلجيءَ ۾ پهتا، ايميل الف خان جي شجاعت کي ڏسي کيس رسالدار مقرر ڪيو ويو.
بجار خان جي وڌندڙ سرگرمين کي ڏسي، انگريزي فوج ’ڪاهون‘ جي قلعي تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هڪ طرف کان ڪئپٽن ايميل، ٻئي طرف کان بلمور ۽ ٻين طرفن کان ڪئپٽن ريٽ ۽ ٽامس پوسٽن قلعي کي گهيري ۾ آندو. ڪاهون فتح ٿيو. بجار خان پنھنجي ساٿين، خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي ۽ جاني خان سان گڏ ايميل آڏو پيش ڪيا ويا. ان نازڪ وقت ۾، جڏهن بلوچ پنهنجن رهنمائن کي نظر بند ڏسي رهيا هئا، قيدين کي شڪارپور پهچائڻ جو ڪم الف خان جي سپرد ڪيو ويو. الف خان قيدين کي وٺي، مخالف علائقي مان گذري شڪارپور پهتو. ڪئپٽن پوسٽن جي اچڻ تي قيدي سندس حوالي ڪيا ويا. الف خان جي ڪارڪردگيءَ کان انگريز آفيسر متاثر ٿيا ۽ کيس ”ليوي پوليس“ مان تبديل ڪري، پنجين بمبئي نيٽوِ انفنٽريءَ ۾ آندو ويو، جنهن جي ڇانوڻي ان وقت روهڙيءَ ۾ هئي. 1843ع جي ابتدا ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر ميرن جي رواداري ۽ صلح پسنديءَ جي باوجود ميرن سان جنگ ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن مياڻيءَ جي ميدان تي پنجين بمبئي انفنٽريءَ بہ حصو ورتو هو، جنهن ۾ الف خان بہ موجود هو. جان جيڪب جي آخري حملي ۾ الف خان ساڻس گڏجي وڙهيو، جنهنڪري جيڪب تي سندس بهادريءَ جو اثر پيو. هن سر چارلس نيپيئر کي سندس دليريءَ جي حقيقت ٻڌائي ۽ هو سندس دوست بڻجي پيو. دٻي جي لڙائيءَ ۾ جڏهن مير شير محمد خان شڪست کائي جلا وطن ٿيو ۽ سنڌ جي وچولي ۾ فوج گڏ ڪري، انگريزي فوج سان ٽڪر کائڻ جو ارادو ڪيائين تہ ان وقت نيپيئر تي گرميءَ جو حملو ٿيو ۽ هن ڪرنل رابرٽس کي مير جي پويان موڪلي ڏنو. شھدادپور ڀرسان مير صاحب ۽ انگريزن جو ٻيهر مقابلو ٿيو، پر مير صاحب کي هن ڀيري بہ ڪاميابي نہ ٿي ۽ هو ڪڇ نڪري ويو. مير شير محمد جو ڀاءُ مير شاھہ محمد خان ان وقت رني ڪوٽ (ڪوهستان) ۾ مقيم هو. اتي ئي مير شير محمد جو اهل ۽ عيال بہ پناھہ گزين هو. سر چارلس نيپيئر کي ڪوهستان ۾ مير صاحب جي موجودگيءَ پريشان بڻائي ڇڏيو هو. هن ڄاتو ٿي تہ سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي، ڪنهن بہ وقت ميرن جي فوج جي موجودگي، ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪري سگهي ٿي. انڪري هن مئي 1843ع جي شروع ۾، رابرٽس کي لکي موڪليو تہ ڪنهن بہ ريت مير شاھہ محمد کي گرفتار ڪرڻ گهرجي. رابرٽس ان وقت سکر م مقيم هو. هو جنرل جي حڪم ملڻ سان درياھہ جي رستي پنھنجي فوج سان سيوهڻ روانو ٿيو. ساڻس گڏ الف خان بہ هو، جو هاڻي رسالدار جي عهدي تي هو.
انهيءَ وچ ۾ مير شاھہ محمد خان ڪوهستان جي رهائش کان تنگ ٿي پيو ۽ ويران ملڪ ۾ رهڻ پسند نہ ڪيو ۽ هن نيپيئر کي صلح لاءِ لکي موڪليو، مگر مغرور نيپيئر کيس ڪو بہ تسلي بخش جواب نہ موڪليو، ان تي مير صاحب بلوچن جي قبيلي رند ڏانهن وڃڻ گهريو ۽ پنھنجي مختصر لشڪر سان رني ڪوٽ مان ٻاهر نڪتو، واٽ تي کيس مير علي مراد خان جا جيڪي ڪامورا هٿ ٿي چڙهيا، انهن کي قيد ڪندو ٿي ويو. سندس سفر پر خطر هو، پر هو بي فڪري ۽ لاپرواهيءَ سان اڳتي وڌندو رهيو. تان جو سيوهڻ کان 15 ميلن جي پنڌ تي آريءَ جي ڳوٺ وڃي منزل انداز ٿيو. رابرٽس بہ اچي سيوهڻ پهتو هو. هن چاهيو ٿي تہ درياھہ پار ڪري رني ڪوٽ روانو ٿئي تہ مخبرن کيس آري ڳوٺ ۾ مير شاھہ محمد جي موجودگيءَ جي خبر ٻڌائي. انگريز مهندار لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشخبري ٿي پئي سگهي. هن خبر جي تصديق لاءِ هن الف خان کي منتخب ڪيو. الف خان معلومات وٺي موٽي آيو ۽ انگريز مهندار جي سامهون مخبرن جي تصديق ڪيائين. انگريز مورخن جي روايت موجب رابرٽس پنھنجي ماتحت سالار والٽر ۽ الف خان کي مير شاھہ محمد کي گرفتار ڪرڻ لاءَ هر اول فوج سان گڏ موڪلي ڏنو. رات جي پهرئين پھر کانپوءِ، هي روانا ٿيا. مير صاحب دشمن جي ڪاروائيءَ کان بيخبر پنھنجي فوج سميت مٺيءَ ننڊ ۾ هو.
کيس خبر نہ هئي تہ فرنگي جنرل سندس گرفتاريءَ لاءِ ڪيترو پريشان آهي. جيڪڏهن باخبر هجي ها تہ هو ننڊ تي بيداريءَ کي ترجيح ڏئي، سيوهڻ کان تڪڙو گذري، پهاڙ ڏانهن هليو وڃي ها ۽ انگريزي دسترس کان بچي وڃي ها، سج اڃا ڪني نہ ڪڍي هئي تہ انگريزي فوج سندس سر تي اچي پهتي. وڻن جي گهاٽي جهڳٽي ۾، مٿس انگريز فوج حملو ڪري ڏنو. بيخبر فوج ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. مختصر مقابلي کان پوءِ مير صاحب جو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. خود مير شاھہ محمد، وڻن جي اوٽ ۾ ٻن چئن ماڻهن سان رهجي ويو. پنهنجن رفيقن کي ڀڄندو ڏسي، مجبور ٿي مير صاحب الف خان اڳيان پيش پيو، جنهن کيس سيوهڻ پهچي، رابرٽس جي حوالي ڪيو. شڪارپور جو مورخ منشي عطا محمد (متوفي سال 1854ع) هن فتح جو سھرو الف خان جي سر تي ڄاڻايو آهي. نيپيئر بيحد متاثر ٿيو.
1840ع ۾، محب وطن بلوچ بهادرجا حملا اتر سنڌ ۾ اڃا بہ جاري هئا. بجار خان جا گوريلا مقابلا ختم ٿي چڪا هئا. خاص ڪري بگٽين جون سرگرميون وڌي ويون هيون. هسبنڊ پنهجي سر ڪشمور چڙهي ويو. ان دوران الف خان کي بگٽين جي هڪ ڪئمپ جي ويجهو هئڻ جي خبر ملي. هسبنڊ کين گرفتار ڪرڻ لاءِ الف خان کي ڏياري موڪليو. جان جيڪب ان وقت اتر سنڌ جو پوليٽيڪل سپرنٽيڊنٽ هو، الف خان کي بگٽين تي چڙهائي ڪرڻ کان روڪيو. ڇو تہ اها ڪئمپ سندن نظر ۾ صلح پسند بگٽين جي هئي، جنهن ۾ پوڙها، ٻار ۽ زالون موجود هئا. پر الف خان آفيسر سان وفاداري ڏيکاريندي سندس حڪم جي پيروي ڪئي ۽ بگٽين جي سڄي ڪئمپ کي گرفتار ڪري ورتو، جان جيڪب پوليس آفيسر هسبنڊ ۽ ڪليڪٽر شڪارپور مسٽر گولڊنيءَ سان اختلاف ڏيکاري، سڄو معاملو سرچارلس نيپيئر ڏانهن لکي موڪليو. جنهن وڏي غور کانپوءِ الف خان جي عمل کي بهتر سمجهيو ۽ حڪم ڏنو تہ بگٽي جتي بہ هجن، کين گرفتار ڪيو وڃي. الف خان جي ڪاميابيءَ تي جيڪب کي غصو آيو ۽ اڳتي هلي هو الف خان جي خلاف ٿي ويو. 1942ع ۾ نيپيئر جي وڃڻ کانپوءِ، سنڌ ۾ گورنر جي بجاءِ ڪمشنر رکيو ويو، ڪمشنر پرنگل هو. پرنگل جي ڏينهن ۾، بگٽين جو سردار اسلام خان ۽ سندس رفيق عالم خان ڪلپر خانڳڙه (جيڪب آباد) ۾ جان جيڪب وٽ وڃي پيش پيا. کين ذريعہ معاش لاءِ ڪيتريون زمينون بہ ڏنيون ويون. سندس نگهبانيءَ جا فرائض الف خان جي حوالي رهيا. ساڻس بگٽي سوارن جو هڪ جٿو بہ هو، جن کي هن پاڻ ڀرتي ڪيو هو. هن ڪئمپ ۾ اسلام خان ۽ سندس رفيقن کي ٿورو وقت مس گذريو هو، جو اسلام خان جو پٽ غلام مرتضيٰ شڪارپور جي ڀرسان ظاهر ٿيو. اسلام خان ۽ سندس رفيق عالم خان ڪلپر، ان وقت جي ڪليڪٽر ميجر گولڊنيءَ کان شڪارپور اچڻ جي اجازت حاصل ڪئي. منصوبي موجب، ساڻن واٽ تي غلام مرتضيٰ اچي مليو ۽ هو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جيڪب هن واقعي تي پنھنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو تہ: ”هو پنھنجي قوم جي وڏي حصي سميت، جن ۾ ٻار ۽ زالون بہ هئا، اٽڪل ٻہ هزار ماڻهو، لاڙڪاڻي جي ڀرسان، زمين تي پئي رهيا. هوريان هوريان قيدين کي ڇڏيو ويو ۽ انهن مان ڪيترن پوليس ۾ بہ ملازمت ڪئي. جيڪڏهن الف خان پٺاڻ جي منصوبي بازين جو دخل نہ هجي ها تہ هو پنھنجي بيٺڪ ۾ آرام ۽ امن سان رهن ها. سندس دٻاءَ ۽ دڙڪن سبب بگٽي سردار مارچ سنہ 1848ع ۾ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو.“
سر چارلس نيپيئر جي وڃڻ کانپوءِ، سنڌ ۾ هڪ اهڙو گروھہ موجود هو، جيڪو جنرل جي خلاف هو. هن گروھہ بنديءَ جو شڪار الف خان بہ ٿيو. نئون ڪمشنر مسٽر پرنگل، جان جيڪب جي نالي کان متاثر هو. انڪري الف خان سرڪاري ملازمت کان دستبردار ٿيڻ ۾ پنهنجو خير سمجهيو. هو 1848ع جي اپريل ۾ نوڪريءَ تان سبڪدوش ٿيو، پر هن جي وفاداري انگريز حڪومت کان وسرڻي نہ هئي، ساڳئي وقت چارلس نيپيئر سڄي هندستان جو ڪمانڊر انچيف ٿي آيو ۽ سندس سفارش تي هندستان سرڪار الف خان کي هڪ هزار سالياني پينشن، زمين، عزت لاءِ تلوار ۽ خانبهادريءَ جو خطاب ڏنو. سنڌ ۾ هيءُ پهريون ماڻهو هو، جنهن کي هند سرڪار انگريزن سان وفاداريءَ سبب خانبهادريءَ جو خطاب ڏنو هو. اها سند، سندن پوين وٽ اڃا موجود آهي. جنهن جي عبارت فارسيءَ ۾ آهي.
ملازمت کان آزاد ٿيڻ بعد الف خان پنھنجي ڳوٺ زرخيل ۾ وڃي مقيم ٿيو. مسٽر پرنگل جي وڃڻ کان پوءِ سربارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو. سنہ 1857ع ۾ هندستان ۾ جنگ آزادي شروع ٿي ۽ سنڌ بہ ان جو وڏو اثر ورتو. اتر سنڌ ۾ جيڪب آباد ۽ شڪارپور، انگريز مخالف باغي سرگرمين جا وڏا مرڪز بڻجي پيا. هن تحريڪ جا بھادر رهنما دريا خان جگراڻي ۽ خان کوسو'>دلمراد خان کوسو هئا. هندستان جي انقلابي حالتن کان فائدي وٺڻ لاءِ دريا خان ۽ دلمراد خان کوسي بلوچ قبيلن جي سردارن سان خفيہ ملاقاتون ڪيون. دلمراد خان کي تہ وقت کان اڳي، ڍل جي بقايا سبب گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو، پر دريا خان جي سرگرمين ۾ ڪابہ گهٽتائي نہ آئي. ان وقت جيڪب آباد ۾، جان جيڪب بدران ميريوپدر پوليٽيڪل ايجنٽ هو. کيس دريا خان کوسي جي سرگرمين جو پتو پئجي ويو ۽ سندس منصوبو ظاهر ٿي پيو. جنهن 21 سيپٽمبر گورن کي مارڻ لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو هو. دريا خان ان کان هڪ ڏينهن اڳ جيڪب آباد ۾ پهچي بہ ويو هو. پر ان کان اڳ جو هو پنھنجي رٿ ۾ ڪامياب ٿئي، ميريويدر کيس گرفتار ڪرائي ورتو ۽ ٻين وطن پرستن سان گڏ توبن جي منهن ۾ ڏئي شھيد ڪيو ويو. هن ڪشمڪش جي زماني ۾ دريا خان جون خانبهادر الف خان سان پڻ ملاقاتون ٿينديون هيون. ميريويدر، جان جيڪب جو دوست هو. انڪري هن الف خان تي بغاوت جي تهمت ڌري.
الف خان زندگيءَ جا آخري ڏينهن سڪون ۽ خاموشيءَ سان گذاريا. وڏيءَ عمر ۾ پنھنجي ڳوٺ زرخيل ۾ گذاري ويو.