الف شاھہ شھيد ۽ مست علي شاھہ: حضرت سيد الف شاھہ شھيد جو شمار تيرهين صدي هجري جي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. الف شاھہ شھيد بخاري ساداتن مان هو ۽ مدرسي ۾ پڙهندو هو، مٿس ذڪر الاهيءَ جو گهڻو جذبو هو. ان وقت شھر جي رئيسن (جنهن جي نالي سان شڪارپور جي اوڀر طرف رئيس واھہ بہ موجود آهي،) جون جايون مدرسي جي ڀرسان هونديون هيون. الف شاھہ کي رئيس وڏيرن جي هڪ ڇوڪريءَ سان مجازي عشق لڳو. مجازي عشق جذب کي وڌائي ڇڏيو. رئيسن کي اها ڳالھہ ڳري لڳي، سو منصوبو ٺاهي کيس دوکي سان ڳڙهي ياسين روڊ تي گهرائي قتل ڪري ڇڏيو. شاھہ صاحب پنھنجي هم سبق ساٿيءَ مست علي شاھہ کي خواب ۾ ٻڌايو تہ: ”مون کي ناحق قتل ڪري، دستيءَ واري مسجد لڳ اڇليو ويو آهي، مون کي اتان کڻائي فلاڻي جاءِ تي دفن ڪرايو.“ ٻئي ڏينهن سندس جسد خاڪي کي کڻائي موجودہ مدفن واري جاءِ تي نهايت ئي عزت ۽ احترام سان دفن ڪيو ويو. حضرت الف شاھہ شھيد جي مزار ڳڙهي روڊ تي شڪارپور جي نوشهري در جي اڀرندي پاسي آهي.