
المڪتوب الحبيب- ڪتاب
المڪتوب الحبيب (ڪتاب ):المڪتوب الحبيب ڪتاب، محمد قاسم غازياڻي ڀٽي 1332ھہ/1914ع ۾ تحرير ڪيو. جنهن جو روحاني تعلق سيوهڻ جي مخدوم صاحبن سان هو ۽ مخدوم حبيب ﷲ سيوهاڻي جو مريد هو. مرشد جي نالي پٺيان ڪتاب جو نالو ’المڪتوب الحبيب‘ رکيائين.
پير حسام الدين راشدي حديقھ اولياء جي مقدمي ۾ هن ڪتاب جو نالو ”رساله حبيبيه“ لکندي ان جو تعارف هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”رساله حبيبيه مخدوم حبيب ﷲ پاٽائي (سيوهاڻي) تاليف 1300ھہ کان بعد، هي تذڪرو پاٽ ۽ سيوهڻ جي صديقي مخدومن جي احوال ۾ آهي. اهي بزرگ شيخ شھاب الدين سهرورديءَ جي اولاد مان آهن. ابتدا ۾ شيخ جي نسب جو بيان آهي. شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري ۽ مخدوم نوح هالائي جو نسب پڻ ڏنل آهي. تذڪره مان معلوم ٿئي ٿو تہ مخدوم عباس هنڱورجائي پاٽائي حضرت مسيح الاوليا (شيخ عيسيٰ) جو چاچو هو. هن ۾ مخدوم نوح جي نسب تي ڪافي بحث ٿيل آهي. سرهندي بزرگن مان شاھہ صفي ﷲ ڪابلي جي سوانح ۽ سندس تعليمات ۽ سنڌ اندر سندس سلسلي تي چڱو مواد ملي ٿو. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (مڏئي واري) ۽ مخدوم عبدالواحد ڪبير ۽ صغير جي احوال تي پڻ روشني پيل آهي.“ ان نسخي جو اصل مخدوم سليم ﷲ صديقي جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. جنهن ان تي مقدمو ۽ حاشيہ لکي سنڌي ادبي بورڊ کان شايع ڪرايو.