
المهراڻ آرٽ ڪلب
المھراڻ آرٽ ڪلب: هن آرٽ ڪلب جو بنياد شھدادڪوٽ ۾ 1977ع ڌاري ناليواري شاعر، ڊراما نگار احمد علي صابر چانڊيي وڌو، جنهن جا بنيادي ميمبر گل منير گل، ايم يونس راهي، مدد علي وفا، احمد علي دايو، حبدار منگي، نياز حسين نياز، اختر ناز، عارفه ۽ ٻيا هئا. هن آرٽ ڪلب پاران ڪافي ڊراما اسٽيج ڪيا ويا، جن ڪافي مقبوليت ماڻي. هيءَ آرٽ ڪلب اڃا بہ شھر ۾ قائم آهي پر اهو اوج نہ اٿس.