
الم ۽ قصيده برده شريف
الم ۽ قصيده برده شريف (ڪتاب ):مـخدوم محمد شفيع صـديـقـي پـاٽـائي (1835ع-1898ع)، قاضي ميان احمدي جو فرزند ۽ مخدوم ميان علي گوهر (اول) جو ننڍو ڀاءُ هو. پاڻ عالم، فاضل، شاعر ۽ صوفي بزرگ هو. مخدوم صاحب جا ٻہ اهم قلمي نسخا مخدوم سليم ﷲ صديقي جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهن. جن مان هڪڙو تفسير آلم ۽ ٻيو قصيده برده جو منظوم ترجمو آهي. مخدوم صاحب قصيده برده شريف جو منظوم سنڌي ترجمو 1302ھہ / 1884ع ۾ ڪيو. نسخي جي آخر ۾ ڪاتب جا هي لفظ موجود آهن:”تمام شد بتاريخ هفتم ماه جمادي الثاني سنہ 1302ھہ در مسجد مبارڪ حضور پر نور حضرت آثار شريف لوهري درجوار محله مجاوران ولحمد لله علي ذالک. مترجم قاضي زمان، علامہ دهر، مفسر القران، حضرت مخدوم شيخ المشائخ محمد شفيع الپاٽائي.“
اهي ٻئي ناياب نسخا شرح حواشي ۽ مقدمي سان سنواري مخدوم سليم ﷲ صديقي، ادارہ پاٽ هائوس، حيدرآباد طرفان شايع ڪرائي محفوظ ڪري ڇڏيا آهن.