قومي ڪارڪن الهه بچايو مرڻاس

قومي ڪارڪن الهه بچايو مرڻاس

الهبچايو مرڻاس

الهبچايو مرڻاس: مشھور ليکڪ، ايڊيٽر ۽ قومي ڪارڪن الھبچايو مرڻاس، 1948ع ۾ ڳوٺ ’باگوڊه‘ تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلي مان ڪيائين. ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ ۾ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري رفيق انڍڙ جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال تي ويٺو، جنھن ڪري جيل ويو. هاري تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو. قبائلي تڪرارن سبب هن جا ٻه ڀائر ماريا ويا. شيخ اياز ۽ فتاح ملڪ هن جا مفت ڪيس وڙهيا. ان عرصي ۾ سائين جي. ايم. سيد سان واسطو ٿيو ۽ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جيل ۾ تشدد ۽ 15 ڪوڙا لڳڻ سبب ٻوڙو ٿي پيو. ڊاڪٽر حميده کھڙو سان سمورو وقت گڏ رهيو. هن جي ادارت هيٺ ’سنڌ دوست‘ رسالو پڻ جاري ٿيو. هن ’لطيف ادبي اڪيڊمي‘ ڪراچي قائم ڪري ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا، جن ۾ نجم عباسيءَ جو ڪتاب ’ڏٺم اڻ ڏٺل‘، حميده کھڙو جو ’ڳچين سندا ڳچ‘، دادا سنڌيءَ جو ’ڏيئي ڏنڀ ڏڏن‘ ۽ ايوب کھڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” اهم آهن. هن ڪجهه عرصو وڪيلن سان به ڪم ڪيو. اپريل 2000ع ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.00.00  عيسوي

الهبچايو مرڻاس ، 1948ع ۾ ڳوٺ ’ باگوڊه ‘ تعلقي ميرپورماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو


2000.04.00  عيسوي

الهبچايو مرڻاس اپريل 2000ع ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حفيظ ڪاردار
پارو خان ڪوري
چاندو فقير
ارنيسٽ مئڪي ڊاڪٽر
سيد محمد شاهه امروٽي مولانا
انور سولنگي
راشدي سيد بدرالدّجيٰ شاهه
تاجل بيوس
عبدالستار عرف لالا قريشي
پوراني ميرڪ سيد تقي الدين محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون