سيد الهه آندو شاهه
الهه آندو شاهه: سيد الهه آندو (اَلهندو) شاهه ولد سيد يوسف شاهه 17 آڪٽوبر 1857ع تي ڳوٺ ڊڀري تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. هو متعلوي سيدن جي شاخ مان هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ وڏي هلندي پڄندي وارو شخص هو. هن ابتدائي تعليم ڊڀري جي مدرسي ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ورتي. ۽ پوءِ جلد ئي سنڌي ۽ انگريزيءَ جي تعليم به ورتائين. شاهه صاحب 1897ع کان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو چونڊيل ميمبر هو ۽ جڏهن پهرين نومبر 1912ع تي نواب شاهه ضلعو ڌار قائم ٿيو ته انهيءَ ضلعي جو 1919ع تائين چونڊيل ميمبر رهيو. شاهه صاحب مسلمانن جي تعليم لاءِ سن 1903ع ۾ نوشهري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪري مسلمان ٻارن کي خوب همٿايائين. مدرسي لڳ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ 1904ع ۾ هاسٽل ٺهرايائين. 1918ع ۾ هن مدرسي کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو ۽ اهو هاءِ اسڪول اڄ به سندس ياد تازي ڪري رهيو آهي. هيءُ مدرسو ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسته الاسلام کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو 1909ع کان لڳاتار ڪيترائي سال بمبئي ڪائونسل جو چونڊيل ميمبر رهيو. ڪجهه عرصو ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو صدر به رهيو. 1916ع ۾ دهليءَ جي وائسراءِ جي اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر ٿيو. سيد الهه آندو شاهه وڏو سخي دل انسان هو. ضرورتمندن کي در تان واپس نه موٽائيندو هو. ننڍي خواهه وڏي، امير توڙي غريب لاءِ وٽس ساڳي ڪرسي هوندي هئي. هو صوم و صلوات جو پابند هو. مسجدون، مسافر خانا ٺهرائڻ، کوهه کوٽائڻ، آئي جي آڌر ڪرڻ سندس خاص مشغلو رهيو. هن مثالي انسان 19 آڪٽوبر 1919ع تي ڊڀري ۾ وفات ڪئي.
1857.10.17 عيسوي
سيد الهه آندو ( اَلهندو ) شاهه 17 آڪٽوبر 1857ع تي ڳوٺ ڊڀري تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو
1919.10.19 عيسوي
سيد الهه آندو شاهه 19 آڪٽوبر 1919ع تي ڊڀري ۾ وفات ڪئي