الهه اوڀايو جوڻيجو

الهه اوڀايو جوڻيجو: فقير الهه اوڀايو ولد فقير غلام قمبر جوڻيجو ڳوٺ ’منهه‘ تعلقي ميرو خان جو ويٺل هو. پاڻ عوامي شاعر ڇتي فقير سانگيءَ جو صحبتي ۽ طالب هو ۽ کانئس فيض حاصل ڪيو هئائين. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:’الهه اوڀايو ولد قمبر فقير ڌامراهه ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مدفون آهي. هو فقير خداداد ولد غلام حيدر جو سؤٽ هو. الهه اوڀايي جو ڪلام عارفاڻي رنگ جو آهي. سندس ڪافين ۾ عاشقاڻن امنگن جو اظهار عام جام نظر اچي ٿو. هو ڪافي گو شاعر هو. سندس ڪلام ٽڙِيل پکڙيل آهي. هن 1920ع ڌاري وفات ڪئي.‘ سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
دل منهنجي کي دلبر، لاتو جادو ڙي،
زيور پائي ڳهڻا، ڪيو سينگار سهڻا
ڪات اکين جي ڪهڻا،خنجر هنيا کوڙي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1920  عيسوي

الهه اوڀايو جوڻيجو 1920ع ڌاري وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهامنداس ’عاشق‘
افضل قادري
احسان رضا
گل محمد رند
بلبل رئيس شمس الدين
ٻڍل فقير
زبيده ميتلو
اختر انصاري اڪبرآبادي
بهار ٻپڙ
احمد بخش احمد مورائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون