شهيد الهه بخش سومرو
الهه بخش سومرو ، شهيد: سنڌ جو محب وطن ، تجربيڪار ۽ عظيم سياستدان ، شهيد الهه بخش سومرو 1901ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو . شهر جي ٺيڪيدار مستري محمد عمر جو فرزند هو ، جيڪو پنهنجي وقت جو ايماندار ٺيڪيدار ۽ آبادگار هو . الهه بخش سومرو سندس وڏو فرزند هو . هيءُ سال 1912ع ۾ ثانوي تعليم لاءِ هوپ فل اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ، پيءُ سان گڏجي ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو . تعليم دوران پنهنجي وقت جو ذهين شاگرد هو . راندين خاص ڪري ڪرڪيٽ سان دلچسپي هيس ۽ ڪيترن مقابلن ۾ حصو ورتائين . هن 1923ع ڌاري سياست ۾ قدم رکيو . 1923ع ڌاري ، هيءُ جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو . 1926ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو . هن جا ڀُٽي خاندان سان ، پنهنجي والد جي زماني کان سٺا تعلقات هئا ، انڪري هن بمبئي ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو ، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو . ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري ، الهه بخش سومرو بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو . اهڙيءَ طرح هي 1926ع کان 1936ع تائين ، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي ، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو . ان کان اڳ 1928ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو . جنوري 1931ع ۾ جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ، هن لوڪل بورڊن جي تنظيم ، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي ائسوسئيشن قائم ڪرايائين . ان موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي ، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا . 1934ع ۾ جڏهن جي . ايم . سيد جي بنگلي ( ڪراچيءَ ) ۾ ’پيپلزپارٽي ‘ ٺاهي وئي ته اُن جو ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري کي چونڊيو ويو . 1936ع ۾ ’اتحاد پارٽي ‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو . سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ بعد 1937ع جي چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا ، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا ، ان تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام ، سر غلام حسين کي وزارت لاءِ گهرايو ، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف 5 ميمبر چونڊجي آيا هئا . هن مير گروپ کي وزارت ڏئي ، اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد حاصل ڪري وزارت ٺاهي . ميران محمد شاهه به اتحاد پارٽي ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيو ، انڪري اتحاد پارٽيءَ جي مڃيل ميمبرن الهه بخش سومري کي ليڊر ۽ مسٽر هاشم گزدر کي ڊپٽي ليڊر چونڊي ، مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو . 1937ع جي آخر ۾ اتحاد پارٽيءَ جي سر غلام حسين جي وزارت سان هڪ پروگرام جي بنياد تي اتحاد ٿيو ۽ ان پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي ، جنهن تي الهه بخش ، هاشم گزدر ۽ جي . ايم سيد ميمبر هئا ؛ پر ان پروگرام تي عملدارن جي غلط روش ، وزارت ۾ غيرتجربيڪار ۽ نااهل وزيرن جي موجودگيءَ ۽ اتحاد پارٽيءَ جي وزارت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ وزارت جي مدد سبب عملدرآمد نه ٿي سگهيو . نتيجي طور مير غلام حسين کي تجويز ڏني وئي ته الهه بخش ، خانبهادر کهڙي ۽ نهچلداس کي وزير ڪري کڻي ، پر اها تجويز به عمل هيٺ نه آئي . نتيجي طور مارچ 1938ع جي بجيٽ وقت ” هڪ رپويو ڪٽ “ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ نئين وزارت الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ ٺاهي وئي . هيءَ وزارت ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان ٺهي ، ان ۾ الهه بخش سومرو وزيراعظم ۽ پير الاهي بخش ۽ نهچلداس وزيراڻي ٻه وزير ٿيا . جنهن صورت ۾ وزارت ٺاهڻ ۾ صرف ستن مسلمانن ووٽ ڪيو هو ۽ باقي سڀ ميمبر هندو هئا ، انڪري مسلمانن جي تعليم يافته طبقي طرفان احتجاج ٿيو . نڪتل وزيرن صورتحال کي وڌيڪ مشتعل ڪيو ، جنهن تي وزيراعظم الهه بخش سومري 29 مارچ 1938ع تي وزارت جي پاليسيءَ بابت هڪ بيان جاري ڪيو ته ( 1 ) ملڪي انتظام کي قومپرست بنيادن تي هلايو ويندو ؛ ( 2 ) سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي ، ان ڪري لوئر سنڌ بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوامي مفاد پورا ٿين: ( 3 ) اتر سنڌ ( روهڙي ڊويزن ) جا واهه سڌاريا ويندا: ( 4 ) ڪانگريس وزارت وانگر وزير گهٽ پگهار کڻندا: ( 5 ) آنرري مئجسٽريٽيون ختم ڪيو وينديون: ( 6 ) آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو ؛ ( 7 ) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ 5 روپين جو اضافو ڪيو ويندو ؛( 8 ) مولانا عبيدالله سنڌي واپس آيو ته سندس آجيان ڪنداسون ؛ ( 9 ) سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي وغيره . 1938ع ۾ الهه بخش وزارت ڍلون وڌايون ، جنهن تي اتحاد پارٽيءَ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا . حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ ۾ شامل ٿي چڪو هو . 11 آڪٽوبر 1938ع تي جناح صاحب جي صدارت ۾ هندستان جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا. اجلاس ۾ الهه بخش ۽ جي . ايم سيد به شريڪ ٿيا . سڀني مسلم ليڊرن الهه بخش کي مسلم ليگ سان الحاق ڪرڻ جي گذارش ڪئي ،جا هن قبول ڪئي ۽ ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون . ليڊر جي مسئلي تي جناح صاحب نئين ليڊر جي چونڊ جي حق ۾ هو ۽ سر غلام حسين هن موقعي کي طاقت هٿ ڪرڻ جو وسيلو سمجهيو .نتيجي طور ٺاهه ختم ٿي ويو.الهه بخش ليڊر جي نئين چونڊ جي مخالفت ڪئي . نتيجي طور جناح صاحب ضد ۾ اچي مسلم ليگ ، اسيمبلي پارٽيءَ ۾ ليڊر سر غلام حسين کي ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي کي چونڊيو ، ان کان سواءِ جناح صاحب جي . ايم سيد کي حڪم ڪيو ته الهه بخش جي وزارت خلاف اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ؛ پر الهه بخش وزارت نه رڳو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيل ڪيترن ميمبرن کي پاڻ سان ملائي ورتو ، پر خود مسلم ليگ پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر به مسلم ليگ ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيا . اهڙيءَ طرح اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جي حمايت صرف ستن ميمبرن ڪئي . 1939ع جي وچ ڌاري مسلم ليگ ، مسجد منزل گاهه ، مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو . هندو ميمبرن مخالفت ڪئي . مسلمانن مسجد تي زوريءَ قبضو ڪيو ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا . مسلم ليگ جا ڪيترا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو جيلن ۾ پيا . هندن خلاف غير سلامتيءَ واري فضا ٿي ، انڪري هندن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن عارضي نفعي لاءِ مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش جي وزارت کي شڪست ڏئي ، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو .هن وزارت ۾ جي . ايم سيد پڻ وزير ٿيو ، جنهن ’مسجد منزل گاهه ‘جي نتيجي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن جي نقصان کي آڏو رکي ، سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو مسلم اتحاد کي ضروري سمجهيو . هن ابوالڪلام آزاد ۽ الهه بخش کي ويهاري ،هڪ فارمولو طيءِ ڪيو . جي . ايم سيد الهه بخش سومري کي وزارت ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ پاڻ استعيفا ڏئي الهه بخش کي پنهنجي جاءِ تي وزير ڪري آندو ۽ واعدو ڪيو ته ٽن مهينن اندر سر بنده علي جي جاءِ تي سر غلام حسين کي آندو ويندو ؛ پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ قبول نه ڪيو . نتيجي طور هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي ، الهه بخش سومري کي طاقت ۾ آندو . اهڙيءَ طرح سنڌ آل انڊيا جماعتن جي اختلافن جو آکاڙو بنجي وئي . مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغانستان مان طويل جلاوطنيءَ بعد وطن سنڌ واپس آڻائڻ ۾ به الهه بخش سومري جو وڏو ڪردار آهي . ۽ 1942ع ۾ هن سنڌ جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو وطن واپسيءَ وقت ڪراچيءَ ۾ شاندار استقبال ڪيو . ياد رهي ته مولانا سنڌي ، هند جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف ان وقت ٻاهرين ملڪن ۾ جلاوطن حڪومت جي رٿا تيار ڪري چڪو هو . ان زماني ۾ ڪانگريس انگريزن خلاف ’هندستان خالي ڪريو ‘ تحريڪ شروع ڪئي . مسلم ليگ پاڪستان جو نعرو هنيو ؛ ڪانگريس ۽ قومپرستن تي سختيون ڪيون ويون . الهه بخش سومري 26 سيپٽمبر 1942ع تي وائسراءِ کي خط لکي ، ’خانبهادري ‘ ۽ O . B . E ( آرڊر آف برٽش ايمائر ) جا لقب واپس ڪيا ۽ هندستان جي آزاديءَ جي حق جي ڳالهه ڪئي ، جنهن تي گورنر سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي مسلم ليگ جي مدد سان وزارت ٺهرائي ڏني . ان بعد الهه بخش سماجي ڪمن طرف توجهه ڏنو . سنڌ ٻوڏن هيٺ آيل هئي ، ان ۾ هن پنهنجون آباد زمينون ٻوڙائي ، شڪارپور شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي . 14 مئي 1943ع تي صبح جو سنڌ جو هي محب وطن سياستدان شڪارپور ۾ هڪ ٽانگي ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ڪن ماڻهن مٿس فائر ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو . سندس قتل جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳايو ويو . الهه بخش سومري جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ وڏي احترام ۽ عزت سان ٿئي ٿو . سنڌ جي بزرگ سياستدان سائين جي . ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين ‘ ۾ کيس ’سنڌ جو دودو ثاني ‘ سڏيو آهي . سندس مزار شڪارپور شهر ۾ آهي .
1901.00.00 عيسوي
شهيد الهه بخش سومرو 1901ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو
1943.05.14 عيسوي
الهه بخش سومرو 14 مئي 1943ع تي شهيد ٿيو.