الهه بخش نظاماڻي

الهه بخش نظاماڻي

الهه بخش نظاماڻي

الهه بخش نظاماڻي: سنڌ جي معروف شخصيت، الهه بخش ايم. نظاماڻي 30 مارچ 1905ع تي ماتليءَ جي ڀرسان تاريخي شهر ٺريءَ لڳ (جيڪو هاڻي غيرآباد ٿي ويو آهي). نظاماڻين جي ڳوٺ ۾ ڄائو. علي ڳڙهه مان ايم. اي ۽ بمبئيءَ مان بي. ٽي ڪري سنڌ ۾ اُستاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان وءِ نورمحمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج جي پرنسپال طور حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. آخر ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو اعزازي سيڪريٽري پڻ ٿيو. لوڪ ادب تي ايم. اي. سنڌيءَ لاءِ سندس لکيل مقالو 1971ع ۾ سنڌالاجيءَ طرفان ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“ جي نالي سان شايع ٿيو. هن 15 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪئي.


لفظ الهه بخش نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.03.30  عيسوي

سنڌ جي معروف شخصيت ، الهه بخش ايم . نظاماڻي 30 مارچ 1905ع تي ماتليءَ جي ڀرسان تاريخي شهر ٺريءَ لڳ ( جيڪو هاڻي غيرآباد ٿي ويو آهي ) . نظاماڻين جي ڳوٺ ۾ ڄائو


1980.08.15  عيسوي

الهه بخش نظاماڻي 15 -آگسٽ- 1980ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دادي ليلاوتي هرچنداڻي
در محمد سومرو
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
جويو سيف الله ڊاڪٽر
ڇٽو ٻلال
راڻو ڏهرو
اسد الله ڀٽو مولانا
سيد محمد شاهه سعيد ٽکڙائي
صلاح الدين تنيو
شاهه وسائو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون