ايلياس/الياس: هڪ مشهور پيغمبر جو نالو. بقول طبريءَ جي، بني اسرائيل ۾ پيدا ٿيو. قران مجيد ۾ ان جو ذڪر ٻن جاين تي، نالي سان آيو آهي، انهن آيتن ۾ حضرت الياس عه جي نبوت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سورة انعام ۾ حضرت الياس عه کي حضرت نوح جي اولاد مان ڄاڻايو ويو آهي. ڪيترين روايتن ۾ ان کي حضرت ادريس عه جي اولاد منجهان ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته قرآن مجيد ۾ حضرت الياس ۽ حضرت ادريس جو ذڪر جدا جدا نالن سان آيو آهي.جبل ’طور‘ جي وچ ۾ حضرت الياس عه جو مقام آهي. عبراني ٻوليءَ ۽ بائبل ۾ ايلياه جو لفظ استعمال ٿيو آهي، جنهن کي مفسرن الياس ئي قرار ڏنو آهي. ايلياه جو تعلق ’تشبه‘ نالي ڪنهن گهراڻي سان هو. هن ’جلعاد‘ جي جاءِ تي سڪونت اختيار ڪئي ۽ سموري زندگي دولت، عيش و عشرت ۽ جاه و جلال کان بي نياز ٿي گذاري. سندس زماني ۾ آخياب، اسرائيل جو بادشاهه هو. ان جي زال مشرڪ هئي ۽ هن ’ديوتا بعل‘ جي عبادت رائج ڪئي. هي اهو زمانو هو جڏهن ايلياه منظرعام تي ظاهر ٿيو. هن آخياب کي تنبيهه ڪئي ته تنهنجن گناهن جي ڏوهه ۾ هينئر اسرائيل ۾ برسات جو هڪ قطرو به نه وُٺو آهي. آخياب جو هوش ٺڪاڻي آيو ۽ هن حضرت ايلياه کي گهرايو، جنهن ماڻهن آڏو ثابت ڪيو ته ديوتا ڪوڙو آهي. ان کان پوءِ برسات لاءِ دعا گهري، جيڪا هڪدم قبول ٿي. آخياب جي زال، حضرت ايلياه جي دشمن ٿي پئي، جنهنڪري پاڻ اتان نڪري ڪوهه سينا ڏانهن هليو ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ حضرت ايلياه ٻيهر اسرائيل آيو ۽ هن آخياب ۽ پوءِ ان جي پٽ آخرياه کي چڱائيءَ طرف سڏيو، مگر ڪجهه به نه ٿي سگهيو. سندن بددعا ڪري هو تباهه و برباد ٿي ويا.