اليگزينڊر ڪننگهام

اليگزينڊر ڪننگهام

اليگزينڊر ڪننگهام

اليگزينڊر ڪننگهام (Alexander Cunningham ):(جنم ٢٣ جنوري ١٨١٤ وفات ٢٨ نومبر ١٨٩٣ع) سر اليگزينڊر ڪننگهام فوج ۾ انجنيئر ھو. پر کيس ”ھندوستان جي آرڪيالاجيءَ“ جو ابو تصور ڪيو وڃي ٿو. پاڻ لنڊن ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ايلن ڪننگهام ھو، جيڪو پڻ اسڪاٽش زبان جو شاعر ليکبو ھو. پاڻ ١٩ سالن جي ڄمار ۾ بنگال جي انجنيري کاتي ۾ داخل ٿيو. ھن ٢٨ سالن تائين فوج ۾ رھي خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ ميجر جنرل جي عھدي تان ١٨٦١ع ۾ رٽائر ٿيو. کيس قديم آثارن ۽ خاص طور انڊيا جي قديم آثارن سان گهڻي دلچسپي ھئي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا کي جڏھن منظم ڪيو پئي ويو تہ وقت جي وائسراءِ چارلس جان ڪيننگ سان رابطو ۾ ھو. ھن کيس آرڪيالاجي کاتي جو پھريون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. پاڻ ١٨٦١ع کان ١٨٦٥ع تائين انھيءَ عھدي تي رھيو. ١٨٦٥ع ۾ ڪن سببن جي ڪري آرڪيالاجي کاتي جو ڪم روڪيو ويو. ١٨٦٧ع ۾ کيس سر جو خطاب ڏنو ويو. جڏھن ١٨٧٠ع ۾ آرڪيالاجي کاتي ٻيھر ڪم شروع ڪيو تہ ھو واپس آيو ۽ سال ١٨٨٥ع تائين کاتي جو ڊائريڪٽر رھيو. ڪننگهام سال ١٨٩٣ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪري ويو. سندس گڏ ڪيل سڪا جيڪي برٽش ميوزم ۾ رکيل آھن، سي تحقيقدانن لاءِ وڏو سرمايو آھن. ھن ھندوستان (گڏيل) ۾ ڪيتريون کوٽايون ڪرايون، جن ۾ سارناٿ، سانچي ۽ مھاٻوڌي ٽيمپل اھم آھن. سندس مشھور تصنيف “Ancient Geography of India” آھي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان کان سواءِ بہ ھن ڪجهہ ڪتاب لکيا، جي ھي آھن:
1- Bhilsa Topes (1854), a History of Buddhism.
2- Coins of Ancient India (1891)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1814.01.23  عيسوي

الگزينڊر ڪننگهام 23 جنوري1814 ۾ پيدا ٿيو


1893.11.28  عيسوي

الگيزينڊر ڪننگهام 28 نومبر 1893ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي عبدالستار
عبدالله خطاط
شاهنواز خان ٽالپر
شيخ عزت ﷲ ٺٽوي
جتوئي علي مراد
امام بخاري
شنبو امير
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
اديب رضوي ڊاڪٽر
سيد محمد شاھہ سعيد ٽکڙائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون