الک واوَ

الک واوَ: ڀوڏيسر وٽ هڪ قدرتي کوھہ آهي، جنهن کي ”الک واوَ“ چون ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي ’غيبي يا لڪل کوھہ‘ روايت آهي تہ ان چشمي جي پاڻيءَ ۾ ايتري سگهہ هئي جو ڪوڙھہ جا مريض اتي وهنجڻ سان شفا حاصل ڪري ٿي سگهيا. چندن ڳڙھہ جو راڻو ڪوڙھہ ۾ مبتلا ٿيو هو تہ کيس ان چشمي جي پاڻي سان وهنجاريو ويو هو، جنهنڪري هو ٿورن ڏينهن ۾ نوبنو ٿي پيو هو.
راڻو چندن جيسلمير جي ڀَٽياڻي شهزاديءَ سان پرڻيو هو. هڪ ڀيري چندن ٻاهر ويل هو تہ ڀَٽياڻيءَ ڪنهن ڪوڙي جوتشيءَ کان پڇيو تہ چندن جي خبر چار ڏي. جوتشيءَ ڌڪو هڻي چيو تہ ”راڻو مري ويو آهي“. مڙس جي موت جو ٻڌي ڀَٽياڻيءَ ڀوڏيسر ۽ ننگرپارڪر جي وچ تي هڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي چتا تيار ڪرائي ان ۾ کڻي ٽپو ڏنو ۽ سڙي رک ٿي وئي. ان کان پوءِ ان نديءَ جو نالو ”ڀَٽياڻي ندي“ پئجي ويو. راڻيءَ جي موت کان پوءِ راڻو چندن ويڳاڻو ٿي پيو ۽ راڄ ڇڏي ڏنائين .


لفظ الک واوَھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو