الک واھہ

الک واھہ (ماڳ ):ڀوڏيسر مندر وٽ هڪ کوھہ آهي، جنهن کي ”الک واھہ“ چون ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي؛ ”غيبي يا لڪل کوھہ“ . روايت آهي تہ ان چشمي جي پاڻيءَ ۾ ايتري شفا هئي جو ڪوڙھہ جا مريض اتي وهنجي صحتيابي حاصل ڪندا هئا. پارڪر جو هڪ راڻو چندن سنگهہ ڪوڙھہ ۾ مبتلا هو تہ هن کي بہ ان چشمي جي پاڻيءَ سان وهنجاريو ويو هو. هن وقت بہ اهو ماڳ ننگرپارڪر جي تفريحي ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو