الھبچايو راھوڪڙو

الھبچايو راھوڪڙو

الھبچايو راھوڪڙو

الھبچايو راھوڪڙو: شاعر، اديب ۽ صحافي الھبچا يو راھوڪڙو پھرين جنوري 1973ع تي، ڳوٺ متُو راھوڪڙي، تعلقي تلھار، ضلعي بدين ۾ محمد اسماعيل راھوڪڙي جي گهر ۾ ڄائو. B.E (ڪيميڪل) تائين تعليم مھراڻ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. شاگردي واري دؤر کان ئي ادب طرف سندس لاڙو رھيو. سندس مضمون ۽ مقالا ’ڪاوش‘، ’ڪاوش مئگزين‘، ’سنڌ ايڪسپريس‘، ’عبرت مئگزين‘، ’آفتاب‘ اخبار، ماھوار ’ڪينجهر‘، ’افيئر‘ مئگزين ۽ ٻين رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجندا رھيا آھن. تحقيقي موضوع تي سندس ھڪ ڪتاب ’تاريخ جي ڍنڍ ۾ ڪنول‘ ڇپيل آھي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي باگي جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري پڻ رھي چڪو آھي. الھبچايو راھوڪڙو ھن وقت نجي کاتي ۾ انجينئر جي حيثيت سان نوڪري ڪرڻ سان گڏ، ٽنڊي باگي لاءِ ڪاوش ۽ ڪي.ٽي.اين جي رپورٽر طور خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي.


لفظ الھبچايو راھوڪڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.01.01  عيسوي

شاعر، اديب ۽ صحافي الھبچا راھوڪيوڙون جنور، پھريي 1973ع تي، ڳوٺ متُو راھوڪڙي، تعلقي تلھار، ضلعي بدين ۾ محمد اسماعيل راھوڪڙي جي گھر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هوت خان رند
طاهرہ واسطي
بزمي نثار جوڻيجو
قادر بخش طالباڻي
سونت مرلن ووز Marilyn Vos Savant
الحاج غلام مصطفيٰ شاھہ
جھانگير قريشي
امجدي بانو
ڀڳت ٽيئون رام
ڀاٽيا وملا پرسرام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون