الھبچايو لاسي: سنڌ جو جهونو ملھہ، ريڊيوپاڪستان ۽ ٽيليويزن جو مشھور فنڪار، الھبچايو لاسي ولد محمد قاسم لاسي، لسٻيلي جي تعلقي اٿل ۾ 1930ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پهريائين پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکاريا، ۽ ملھہ وڙهڻ جي شروعات قلندر لعل شھباز جي ميلي تي لڳندڙ ملاکڙي کان ڪئي. هيءُ انب شيدي ۽ هنڊل مڪرانيءَ جي ٽولي ۾ شامل هو ۽ ٻئي جوڙ جو ملھہ هو. تنهن کان پوءِ هو گهڙي وڄائڻ جي شوق ۾ استاد الهبچايي خاصخيليءَ جي شاگرديءَ ۾ آيو ۽ جلد ئي هڪ سٺو فنڪار بڻجي ويو.
الھبچايو پهرين پاڪستان ٽيليويزن تي استاد محمد بچل ڍولڪ نواز جي وسيلي سان آيو، جنهن کان پوءِ هو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آيو. هن پنھنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ گهڙي وڄائڻ جو هڪ ناميارو فنڪار بڻجي ويو هو. پنھنجي فن جو مظاهرو ڏکڻ ڪوريا کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ ڪري چڪو آهي. سندس پهريون غيرملڪي دورو 1984ع ۾ ٿيو هو .
1930.00.00 عيسوي
الهبچايو لاسي 1930ع ڌاري پيدا ٿيو