الھجڙيو سمون

الھجڙيو سمون: الھہ جڙيو سمون مشھور ملھہ، جيڪو اصل ڳوٺ ڌڻي پرتي سمي جو ويٺل هو. هيءُ پهلوان پهرين جوڙ جي سٺن ملهن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ لاڙ طرف کان ملھہ وڙهندو آهي. هن جا گهڻائي شاگرد آهن، جيڪي بھترين ملھہ آهن. پاڻ مولابخش جماليءَ جو شاگرد آهي. پهرئين جوڙ ۾ هُو مشھور ملھہ پهلوان شير ميربحر کي چئلينج ڪري پهتو هو، سندن مقابلو فيبروري 1968ع ۾ خيرپور جي ملاکڙي ۾ ٿيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو