سگهڙ حاجي الهداد جهنجهي

سگهڙ حاجي الهداد جهنجهي

الھداد جهنجهي

الھداد جهنجهي: سگهڙ حاجي الھداد ولد حافظ ميگهہ جهنجهي، پهرين جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ جنجهي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ”جهنجهي“ ۽ ڳوٺ ڪانڪيي“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڇاڇري ۾ فقہ ۽ ڪلام پاڪ جي تعليم ورتائين. 1946ع ۾ مسلم اسڪول ”بقا ڪَرن“ تعلقي مٺيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين ننگرپارڪر تعلقي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي، والد صاحب جي صحبت ۾ لطيف سائينءَ جا بيت ٻڌندو ۽ ياد ڪندو هو. شاھہ جي ڪلام سان عشق هئڻ ڪري مختلف ماڻهن وٽان شاھہ جي قلمي رسالن ۽ ڪن شاھہ جي ڄاڻن وٽان زباني شاھہ جاا بيت گڏ ڪندو رهيو. 1992ع ۾ شاھہ لطيف جو هڪ ناياب نسخو ”شاھہ جو گنج“ نالي رسالو ڇپرايائين، جنهن ۾ تقريباً ڇھہ هزار بيت جمع ٿيل آهن. اهو نسخو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ٻيهر پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.الھداد جهنجهي 22 اپريل 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.07.01  عيسوي

الهداد جهنجهي ، پهرين جولاءِ 1928ع تي پيدا ٿيو


2015.04.22  عيسوي

الهداد جهنجهي 22 اپريل 2015ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فياض ڏاهري
پير ڪرهيو ڀانڊاري
ليار ملھہ خاصخيلي
سلمه آغا
عشرت حسين ڊاڪٽر
شعيب لاکيار عرف لاخيال بودلو مخدوم
عشرت العباد
دريا خان جلباڻي
پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني
ثمينه ڪنول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون