الھداد خان صوفي لغاري

الھداد خان ”صوفي“ لغاري: الھداد خان ”صوفي“ 7 جون 1823ع تي ڄائو. ميرن جي دور جو هڪ مشھور مولودگو هو، جنهن لاتعداد مولود چيا. هن جي والد جو نالو نواب ولي محمد خان لغاري هو. عبدالرئوف ڀٽيءَ ۽ پوئين دور جي مولودگو شاعرن کان پوءِ الھداد لغاريءَ جو نالو مولودگو شاعرن ۾ سامهون اچي ٿو. ميرصاحبن وٽ هن جي تمام گهڻي عزت هئي.
الھداد خان جو تخلص ”صوفي“ هو. هن جا مولود ”ديوان صوفي“ ۾ محفوظ آهن، جيڪو فارسي زبان ۾ آهي. سندس چيل مولودن مان ”حشر ويل حساب ۾“ ۽ ”محمد مرسل مصطفيٰ“ مشھور آهن. هن تعلقي سيوهڻ ۾ 30 نومبر 1882ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1823.06.07  عيسوي

الهداد خان ” صوفي “ 7 جون 1823ع تي ڄائو


1882.11.30  عيسوي

الهداد خان ” صوفي 30 نومبر 1882ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد واصل درس
پير فتح الدين قريشي
غلام رسول شاھہ قادري
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
ڊاسوڙي مخدوم محمد امين
ڪليم ﷲ لاشاري ڊاڪٽر
سرائي قربان کهاوڙ
شرف الدين خطاط
عدنان صديقي
سويتا ڪيسواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون