الھداد خان صوفي نواب

الھداد خان صوفي نواب: نواب الھداد خان صوفي، فقير نواب ولي محمد خان لغاري جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ 1238ھہ/1823ع ۾ ڄائو. دستور موجب هن لاءِ فارسيءَ جي اعليٰ تعليم جو انتظام ڪيو ويو. هي اڃا نون سالن جو ننڍو ٻار هو تہ سندس والد بزرگ نواب ولي محمد خان وفات ڪري ويو. هيءُ ننڍپڻ ۾ ئي مير نصير خان وٽ ملازم ٿيو. اعليٰ اخلاق ۽ ذهانت جي ڪري درٻار ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. سنڌ تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ 1847ع ۾ انگريز حڪومت ۾ سيوهڻ جو مختيار ڪار مقرر ٿي رهيو ۽ ان کان پوءِ ڪوٽ لاشاريءَ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي 18 محرم 1300ھہ/1882ع تي وفات ڪيائين. اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس اولاد بہ هميشہ لاءِ ڪوٽ لاشاريءَ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائين. نواب الھداد خان هڪ ديندار، صلح پسند ۽ صوفي منش بزرگ هو. شاھہ شھيد جي درگاھہ جو عقيدتمند هو ۽ جهوڪ شريف جا ڪيئي پنڌ ڪيائين ۽ هيءُ پنھنجي پيءُ وانگر وقت جو سٺو اديب ۽ صاحب ديوان شاعر هو. ”صوفي“ تخلص اختيار ڪيائين. سندس ڪلام سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ موجود آهي. فارسيءَ ۾ ”ديوان صوفي“ تہ هن ويهن سالن جي عمر کان بہ پهرين منظوم ڪيو هو. سندس ڪلام گهڻو ڪري علمِ عروض تي چيل آهي. ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ کيس علم عروض تي دسترس حاصل هئي، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ کانسواءِ فارسيءَ جو بلند پايه شاعر هو. زبانداني ۽ محاورن جي جڙاءَ سان مجازي عشق جي رعناين کي حقيقي رنگ ۾ پيش ڪري، هڪ سٺي شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف، وحدت، عشق ۽ محبت جون حقيقتون بيان ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1238.00.00  هجري

الهداد خان صوفي نواب: نواب الهداد خان صوفي ، فقير نواب ولي محمد خان لغاري جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ 1238هه/1823ع ۾ ڄائو .


1823.00.00  عيسوي

الهداد خان صوفي نواب: نواب الهداد خان صوفي ، فقير نواب ولي محمد خان لغاري جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ 1238هه/1823ع ۾ ڄائو .


1847.00.00  عيسوي

سنڌ تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ 1847ع ۾ انگريز حڪومت ۾ سيوهڻ جو مختيار ڪار مقرر ٿي رهيو


1300.01.18  هجري

ڪوٽ لاشاريءَ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي 18 محرم 1300هه/1882ع تي وفات ڪيائين . اتي ئي دفن ڪيو ويو .


1882.00.00  عيسوي

ڪوٽ لاشاريءَ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي 18 محرم 1300هه/1882ع تي وفات ڪيائين . اتي ئي دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رياض باقر ڊاڪٽر
جعفر صادق عليہ السلام امام
شاهنواز شاھہ
اعجاز قريشي پروفيسر
جلال الدين مخدوم جھانيان جھان گشتت
عمران بن موسيٰ برمڪي
امام راشدي
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
الھہ بخش ٽالپر
امداد عباس صوفي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون