الهداد راهو

الهداد راهو

الھداد راهو

الھداد راهو: مشھور ملھہ پھلوان الھداد عرف دادلو ولد علي حيدر راهو، 1984ع ۾ ڳوٺ پھلوان عارف راهو، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. ملھہ پھلواني کيس ورثي ۾ ملي. هن 2000/2001ع کان ملھہ جي شروعات ڪئي. هن سنڌ سميت پنجاب ۽ بلوچستان جي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ پنھنجي پھلوانيءَ جا جوهر ڏيکاري 15 کن ننڍا وڏا انعام کٽيا. هن 11 مارچ 2010ع تي اڳوڻي روسي رياست ڪرغستان جي شھر بِشڪڪ ۾ 17 ملڪن جي 147 ملھہ پهلوانن جي مقابلي ۾ پھرين پوزيشن جو گولڊ ميڊل کٽيو. گولڊ ميڊل کٽڻ جي خوشيءَ ۾ ’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران کيس 16 اپريل 2010ع تي آجياڻو ڏئي پڳ ٻڌرائي ويئي. پڳ جو پھريون ور سنڌ جي وڏي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏنو. جڏهن تہ ملھہ ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر غلام سرور جتوئي پڳ جو ٻيو ور ڏنو. ان کانسواءِ سندس والد، استاد ۽ سنڌ مان ڪھي آيل مشھور مَلهن کيس جس ڏيندي پڳ جا ور ڏنا. هن 24 جنوري 2023ع تي روڊ حادثي سبب وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.00.00  عيسوي

الهداد راهو: الهداد ولد علي حيدر راهو ، 1984ع ۾ ڳوٺ پهلوان عارف راهو ضلعي نواب شاهه ۾ جنم ورتو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمن شاھہ شھيد
حامد علي مرزا
راڻي
شاستري لال بھادر
خانبهادر علي مراد خان ڌاريجو اول
ابن باجه
انور عباسي
فقير يوسف جتي ستي
ڀٽي اورنگزيب
جيلاني سيد شيراز شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون