راڳي الهداد زرداري

راڳي الهداد زرداري

الھداد زرداري

الھداد زرداري: مشھور فنڪار الھداد ولد باغ علي زرداري سال 1959ع ۾ موري لڳ ڳوٺ مُڪراري ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائين. راڳ جي لنئون ننڍي هوندي هيس. 1975ع ۾ استاد ڦوٽي خان زرداري کان راڳ جي بنيادي سکيا حاصل ڪئي. ان کانپوءِ استاد مٺل خان ميراثيءَ جي شاگرديءَ ۾ رهيو. استاد مٺل خان ميراثي قاضي احمد جو ويٺل، استاد بيبي خان جو شاگرد هو. وڏو فن هوس. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات پي ٽي وي کان ڪئي. ان کان پوءِ ريڊئي تي تمام سٺو ڳايو. ڪيسٽ جي دنيا جو مشھور فنڪار رهيو. گلي ۾ تڪليف سبب ڪيترائي سال ڳائي نہ سگهيو. هن اردو، سنڌي، بلوچي، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ ڪافي ڪلام ڳايو. الھداد کي ڪيترائي اوارڊ بہ مليا، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اوارڊ، ميان نصير محمد ڪلهوڙو اوارڊ، مصري شاھہ اوارڊ ۽ شھباز قلندر اوارڊ اهم آهن. هن حيدرآباد، ڪراچي ۽ بھاولپور ريڊيو تي خوب ڳايو. 3 آگسٽ 2019ع تي موري ۾ وفات ڪئي. کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ مُڪراري جي ٻڍل شاھہ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت سندس پٽ شھباز الھداد پڻ ڳائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2019.08.03  عيسوي

مشھور فنڪار الهداد ولد باغ علي زرداري سال 1959ع ۾ موري لڳ ڳوٺ مُڪراري ۾ ڄائو.3 آگسٽ 2019ع تي موري ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آدم علي يوسف علي علوي
سيد محمد شاھہ سعيد ٽکڙائي
جانڻ فقير
چانڊيو غلام رباني
اسحاق انصاري ڊاڪٽر
للت دبي
ارباب فيض محمد
چندناڻي ارجن (سي ارجن)
الف شاھہ شھيد ۽ مست علي شاھہ
پرڀداس برهمچاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون