الھمايون

الھمايون (رسالو): هيءُ ماهوار مذهبي سنڌي رسالو مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ جي ياد ۾ سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور جي مشھور عالم مفتي صاحبداد ناصح ولد خميسي خان جماليءَ جي ادارت هيٺ 1924ع ڌاري شڪارپور پرنٽنگ ۽ ليٿو پريس لکي در مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن رسالي جو ’الھمايون‘ نالو مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي شھر همايون جي نسبت سان رکيو ويو. هي رسالو ٻاويهن صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ ڊيمي سائيز ۾ ڇپبو هو. منجهس مذهبي ۽ علمي مواد شايع ٿيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو