الھندو نارو

الھندو نارو: اصل ۾ هيءُ درياهي ڦاٽ آهي، جيڪو سنڌو درياھہ جي اُلهندي طرف کان وهندو هو. سکر بئراج جي ٺھڻ کان پوءِ ان کي ”رائيس ڪئنال“ جي نالي سان سڏيو ويو، ليڪن عام ماڻهو اڄ بہ هن کي ”نارو“ چوندا آهن. هن ناري کي رائيس ڪئنال جو نالو انڪري ڏنو ويو، جو لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ هن ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان ساريال پوک ڪئي ويندي آهي.
هن الهندي ناري سان گڏ سکر بئراج مان ٻہ واھہ ٻيا بہ نڪرن ٿا، جھڙوڪ ساڄي پاسي کان کيرٿر ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان دادو ڪئنال اچن ٿا. ٽيئي واھہ، بئراج مان نڪري گڏ هلن ٿا، جيڪي اڳوڻي سکر ضلعي ۽ هاڻوڪي شڪارپور ضلعي جي مديجي ڳوٺ وٽان هڪٻئي کان پري ٿي جدا جدا علائقن ۾ وڃن ٿا. کيرٿر ڪئنال مديجيءَ واري علائقي مان کيرٿر جبل ڏانهن رُخ ڪري ٿو ۽ دادو ڪئنال مديجيءَ واري علائقي وٽان جدا ٿي لاڙڪاڻي ضلعي جي اوڀر ۾ هڪ ميل جي پنڌ تي عاقل ڳوٺ کان ٿيندو دادو شھر ۽ سيتا روڊ شھر طرف وڃي ٿو. باقي الھندو نارو (يعني رائيس ڪئنال) مديجيءَ واري علائقي کان سڌو رُخ رکي ٿو، جو نئين ديري شھر جي اولھہ ۾ هڪ ٻن فرلانگن جي فاصلي تان هلندو، لاڙڪاڻي شھر جي اولھہ ۾ لاڙڪاڻي شھر مان گڏ وهندو، وڃي ضلعي جي مختلف شهرن، جھڙوڪ باڊھہ، ميهڙ وٽان ٿيندو، دادو ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ٿرڙي محبت، ٻٽ سرائيءَ ۽ ٻيٽي جتوئيءَ وارن ڳوٺ کي سيراب ڪندو، وڃي جنگلاڻي ڳوٺ کان هيٺ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اڃا تائين ڪٿي ڪٿي ان جي قديم پيٽ جا ڪي نشان ملن ٿا.
اُلهندو نارو اڳ ۾ پهرين ڦاٽ جي صورت ۾ وهندڙ هو، پر پوءِ اُن جي کاٽي کڻي، ان کي ڪئنال جي صورت ڏني وئي. هن وقت بہ هيءُ الھندو نارو (موجودہ رائيس ڪئنال) ڀر وارن ٻنهي ڪئنالن (کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال) کان ويڪر ۾ وڌيڪ آهي، مفاصلي ۾ بہ تمام گهڻو پري ويندڙ آهي ۽ پاڻي بہ ٻنهي واهن کان تمام گهڻو کڻي ٿو. اڳي جڏهن سنڌوءَ ۾ گهڻو چاڙھہ هوندو تڏهن اوڀارو ويندڙ ٻيڙا منڇر مان ٿيندا الهندي ناري مان ٻيڙيون هاڪاري مٿي ويندا هئا، جو اتان درياھہ جي تيزي تک گهٽ هوندي هئي .


لفظ الھندو ناروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو