الھندو نارو واھہ

الھندو نارو واھہ (Wetern Nara Canal):الھندو نارو واھہ لاڙڪاڻي شھر کان اوڀر طرف عاقل ڳوٺ کان سنڌو نديءَ مان نڪرندو هو. هيءُ واھہ بہ سنڌو نديءَ جو هڪ ڦاٽ (Inundation Canal) هو، هن الهندي ناري واھہ کي تمام گهڻا ور وڪڙ هائ، وڏو ويڪرو ۽ اونهو واھہ هو. الھندو نارو درياھہ مان نڪري باقراڻي، ڏوڪري، ٽاٽڙي، سيهڙ شهر، راڌڻ وليج، ٿرڙي جادو شھيد ۽ جوهيءَ کان پوءِ وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هيءُ واھہ ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي مان وهندو هو. سيوهڻ تائين لاڙڪاڻو ضلعو هو. هيءُ الھندو نارو واھہ وڏو ويڪرو اونهو واھہ هو، جنهنڪري هن تي بہ ٻيڙين رستي آمدو رفت ٿيندي هئي. واپاري سکر يا لاڙڪاڻي کان پنهنجو مال ٻيڙين رستي شهرن ڏانهن کڻي ويندا هئا. هن واھہ تي وڏيون موريون ونگن سان ٺهيل هيون. اڄ بہ هڪ اهڙي موري باقراڻي شھر ڀرسان بيٺي آهي، الهندي ناري واھہ مان ٻيا وڏا واھہ بہ نڪرندا هئا:
1. گهنور واھہ: گهنور واھہ باقراڻي شھر کان نڪري باقراڻي ريلوي اسٽيشن کان پوءِ رشيد وڳڻ ڳوٺ کان گوگهاري شھر وٽ وڃي ختم ٿيندو هو. هيءُ واھہ ڏوڪري تعلقي، جنهن کي ان وقت لب درياھہ تعلقو بہ سڏيندا هئا ۽ قنبر جي زمينن کي آباد ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ خاص ڪري گوهاري جا سڳداسي چانور مشھور هوندا هئا. گهنور واھہ مان وري ٻيا بہ ننڍا ننڍا واھہ نڪرندا هئا. جيڪي آبادگار پنھنجي زمينن جي سهوليت سان وهائيندا هئا، انهن واهن جي کوٽائي تمام وڏي هئي ۽ ويڪرا هوندا هئا.
2. موندر واھہ: هي واھہ الهندي ناري مان ڏوڪري شھر ڀرسان نڪرندو هو ۽ نصير آباد جي شھر ڀرسان وڃي ختم ٿيندو هو. هن جي ڊيگهہ اٽڪل 12 ميل هئي. هن مان ٻيا بہ ننڍا ننڍا واھہ نڪرندا هئا. لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري ۽ وارھہ تعلقي جي زمينن کي آباد ڪندو هو.
3. ڌامراهو واھہ: هيءُ واھہ الهندي ناري واھہ مان ٽاٽڙي ڳوٺ کان نڪري اولھہ طرف ويندو هو. هيءُ ڌامراهو واھہ بہ وڏو واھہ هو، هن جي ڊيگهہ اٽڪل 30-35 ميل هئي. هيءُ واھہ ڳوٺ دائود ڪانڌڙا، آڏي جاگير، کڏهري، ڳاڙهي، فريد آباد کان ٿيندو وڃي ماڏي ڳوٺ تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ وٽ ختم ٿيندو هو. ان وقت خيرپور ناٿن شاھہ کي ڪڪڙ تعلقو سڏيندا هئا. ڌامراهي واھہ مان ٻيا بہ ننڍا واھہ نڪرندا هئا، جيڪي ڏوڪري تعلقي ۽ وارھہ تعلقي جي زمينن کي آباد ڪندا هئا. الهندي ناري جون زمينون زرخيز هيون، جنهنڪري هتي انبن جا وڏا وڏا باغ خاص ڪري، ڏوڪري تعلقي ۾، الهندي ناري تي نار بہ رکيل هئا. جن تي ماڻهو ٿوري ٿوري آبادي ڪندا هئا، خاص ڪري جوئر جو فصل نارن تي ٿيندو هو. 1932ع کان پوءِ جيئن سکر بئراج مان نوان وڏا واھہ نڪتا تہ هن الهندي ناري جو وجود ختم ٿي ويو، هن جي جاءِ تي دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال واھہ نڪتا، جنهنڪري هيءُ واھہ ختم ٿي ويو. الهندي ناري جي ڪن حصن مان هن وقت بہ دادو ڪئنال نڪتل آهي. هاڻي الهندي ناري واھہ جو سنڌو درياھہ مان موج سان وهڻ پورو ٿي ويو. هن وقت بہ ڪٿي ڪٿي هن جا پراڻا نشان اڃا باقي آهن


لفظ الھندو نارو واھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.00.00  عيسوي

. 1932ع کان پوءِ جيئن سکر بئراج مان نوان وڏا واهه نڪتا ته هن الهندي ناري جو وجود ختم ٿي ويو ،



ارضيات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٽ فيڊر واھہ
ايسٽرن نارا ڪئنال
ڍاڳِي
ڀانڀر واھہ
جنيوا ڍنڍ
جاکپاري ڍنڍ
ڇن بابو
پٻڻيءَ جي ڍنڍ
ٻوڙي ڍنڍ
تلاءُ
ارضيات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون