الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي

الھنواز نواز رُڪڻائي

الھنواز ”نواز“ رُڪڻائي: الھنواز ولد محمد عرس رُڪڻائي، 10 مئي 1930ع تي ڳوٺ رُڪڻ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. نامور شاعر استاد بخاريءَ جو ننڍپڻ کان دوست ۽ همعصر رهيو آهي، ٻئي گڏ پڙهيا ۽ شاعري ڪيائون. سُٺو استاد، شاعر ۽ اديب هو. پرائمري استاد طور رٽائر ڪيائين. خانداني طرح ملاح هئڻ ڪري ٻيڙين ۽ درياھہ سان واسطيدار معلومات ۾ وڏي ڄاڻ هئس. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ لاءِ ”درياهي ٻولي ۽ جيوت“ بابت هڪ ڪتاب لکيائين، اهو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو“ عنوان سان اٿارٽيءَ پاران 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل ۾ وڏو مددگار رهيو. ان سلسلي ۾ هن دادوءَ ۽ نوشهري ضلعي جي درياهي پتڻن، ڍنڍن، ڍورن، واهن، نئين، ٻيٽن ۽ ريٽن تي تفصيلي تحقيق ڪئي هئي. شاھہ لطيف جو وڏو پارکو هو. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”ڇُليون منڇر ڇوليون“ 1998ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب، دادو تعلقي جي تاريخ تي ”دادو منهنجي دل“ 2007ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.هو 13 فيبروري 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.05.10  عيسوي

الهنواز ” نواز “ رُڪڻائي 10 مئي 1930ع تي ڳوٺ رُڪڻ ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو


2007.02.13  عيسوي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي 13 فيبروري 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ پراڙ
دانش اياز
اثر امام
علڻ الستي
شيلي
پٺاڻ محمد علي
اسد بيگ اسد مرزا
جھانگير هاشمي
سيد باغ علي شاھہ لکوي
محمد صالح سومرو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون