الھورايو سومرو

الھورايو سومرو : نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ الهورايي سومري، ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم مقامي اسڪولن مان ڪيائين. سيڪنڊري تعليم مڪمل ڪري ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ٿيو. الهورايي سومري سياست جو آغاز 1974ع کان ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ پڙهڻ دوران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ سان ڪيو. شروع ۾ ممتاز ڪاليج ۾ جساف جو جنرل سيڪريٽري ۽ بعد ۾ صدر ٿيو. اهڙيءَ طرح هن قومي جذبي هيٺ مقامي سطح تي سنڌي شاگردن جي جائز مسئلن لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪئي. هن پڙهائيءَ ۽ سياست کي گڏوگڏ جاري رکيو. اڳتي هلي هن ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪورٽ ۾ پنھنجي رجسٽريشن ڪرائي وڪالت شروع ڪيائين. ان دوران ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتائين ۽ تحريڪ دوران گرفتار ٿيل ڪارڪنن جا ڪيس رضاڪارانه طور وڙهندو رهيو، ڪارڪنن جون ضمانتون ڪرائڻ جي نتيجي ۾ کيس بہ جيل ڀوڳڻو پيو. ان کانپوءِ 1985ع ۾ جڏهن ممتاز علي ڀُٽي ۽ بلوچ اڳواڻن گڏجي سنڌي، پختون، بلوچ فرنٽ ٺاهيو ۽ ملڪ ۾ ڪنفيڊريشن نظام جو نظريو ڏنو تہ الھورايو سومرو فرنٽ ۾ شامل ٿيو. ان وقت کيس ضلعي خيرپور جو انفرميشن سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ ضلعي صدر چونڊيو ويو. ان کانپوءِ سکر ڊويزن جو صدر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ جڏهن ممتاز علي ڀُٽي سنڌي، بلوچ، پختون فرنٽ ختم ڪري ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ ٺاهيو تہ هيءُ بہ ان ۾ شامل ٿيو ۽ کيس فرنٽ جي سينئر وائيس چيئرمئن جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. 1996ع ۾ جڏهن ممتاز علي ڀٽو سنڌ حڪومت جو نگران وڏو وزير مقرر ٿيو تہ الهوائي سومري کي سنڌ جي نگران ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير ڪيائين. هن جو سياسي حوالي سان گهڻو واسطو ممتاز علي ڀٽي سان رهيو آهي. ممتاز علي ڀُٽي تازو جڏهن سنڌ نيشنل فرنٽ کي نواز ليگ ۾ ضم ڪيو تہ هيءُ پڻ ان سان گڏ نواز ليگ ۾ شامل ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو