الهورايو نظاماڻي

الهورايو نظاماڻي

الھورايو نظاماڻي

الھورايو نظاماڻي: سگهڙ قاضي الھورايو نظاماڻي 27 سيپٽمبر 1857ع تي ڄائو، هن جي پيدائش جي تاريخ ڪنھن ڊائري يا رجسٽر بدران سندس گهر آڏو بيٺل کجيءَ جي ڦرهي تي فارسيءَ ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس پيدائش وقت سنڌي رسم الخط جو اڃا رواج نہ هو. بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺ مير محمد نظاماڻي عرف قاضيءَ جو ڳوٺ ۾ رهندڙ، ڏيڍ صديءَ جيتري ڄمار حاصل ڪندڙ سنڌ جي هن مشھور سگهڙ کي، سنڌي، عربي، فارسي، هندي، سرائڪي ۽ براهوي ٻولين تي مھارت حاصل هئي. انهن مڙني ٻولين ۾ ڳجهارتون، پروليون، گرچيلو، ڏٺ، بيت، سينگار، ڏور، ۽ دوها پڻ لکيا اٿائين. جڏهن تہ عشق، عقل ۽ بخت بابت مشھور/ڪلاسيڪل قصن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڏاڍي سٺي نموني پيش ڪيو آهي، هونئن تہ سندس شاعريءَ جا ڪيترائي رسالا موجود آهن، پر انهن مان سندس هڪ ڪتاب ’سالڪ جي سمجهہ‘ سڄي سنڌ ۾ مشھور آهي. هن کي گهر ۾ سندس پيءُ صرف فارسي پڙهائي، باقي ٻيون ٻوليون مختلف مدرسن مان سکيو. جڏهن تہ مختلف مدرسن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو استاد پڻ رهي چڪو آهي. حمل فقير، سانوڻ فقير، سمن سرڪار ۽ سيد ميران محمد شاھہ اول هن جا گهاٽا دوست هوندا هئا. جنھن مان سانوڻ فقير سان هن جي تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي. هوٽلن ۾ ڪانڀ ٻڌي چانھه جون چسڪيون ڀريندڙ انهن جهونن کي اڄ بہ چاچي الھورائي جو مشھور پروگرام ”فتح خان سان شام“ نہ وسريو هوندو. فتح خان سان شام پروگرام لاءِ پي ٽي وي وارا هر مھيني هن سگهڙ کي گهرائيندا هئا. هن ريڊيو تي بہ پروگرام ڪيا. آخري گهڙين تائين کيس ڀٽائيءَ جي رسالي جو وڏو حصو برزبان ياد هو. 1952ع ۾ هڪ ڀيري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ سگهڙ هٿان شاھہ سائينءَ جا 11 ڏکيا بيت کيس ڏياري موڪليا تہ انهن جي معنيٰ ٻڌائي. هي فقير منش بزرگ ٽنڊي قيصر ۾ وڃي ڊاڪٽر صاحب،سان مليو ۽ کيس بيتن جي معنيٰ ٻڌايائين، هي 18 سالن جو هو تہ مغل بادشاھہ، بھادر شاھہ ظفر جي انگريزن جي قيد ۾ لاڏاڻي جي خبر ٻڌي هئائين. ان دؤر ۾ اخبار يا ريڊيو تہ هوندا نہ هئا، ان ڪري خبر چار جو وسيلو ماڻهو ئي هئا. جن کي لڪڙ تار چيو ويندو هو، 1890ع ۾ چارلس نيپئر پاران ٽنڊي محمد خان کان بدين تائين ريل جي پٽڙي وڇرائڻ واري ڪم ۾ هن شخص مزدوري ڪئي هئي جنھن جو اجورو کيس ٽن سڪن ۽ هڪ ڪسيري جي صورت ۾ مليو هو. سڪي کي ان دؤر ۾ دمڙي چيو ويندو هو، ٻن دمڙين عيوض هڪ ٻڪري خريد ڪبي هئي. هن شخص جي خوراڪ عام طور ٻاجهر جي ماني ۽ لسيءَ جو گلاس هو. ڀاڄين جو شوقين هو. چانھه سڄي زندگي نہ چکيائين جڏهن تہ مڇي شوق سان کائيندو هو، يوناني حڪيمن جي دوائن تي ويساھہ رکندڙ هن شخص کي ڪابہ وڏي بيماري نہ ٿي.


لفظ الھورايو نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1857.09.27  عيسوي

سگهڙ قاضي الھورايو نظاماڻي 27 سيپٽمبر 1857ع تي ڄائو.


1890.00.00  عيسوي

1890ع ۾ چارلس نيپئر پاران ٽنڊي محمد خان کان بدين تائين ريل جي پٽڙي وڇرائڻ واري ڪم ۾ هن شخص مزدوري ڪئي هئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽوپڻ داس ڪندن مل جيوتراماڻي
ابن فقيھہ
سرتيز عمادالملڪ
فقير عبدالله ٿيٻو
آفتاب غلام نبي قاضي
سيٺ نانڪرام
پوپ
حسين علي حسين مرزا
فاروق سولنگي
ايس آر رائو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون