الھوسايو شيدي: سنڌ ڌرتي جتي دنيا کي سيوهڻ شھر جو رهواسي عالم چنا جِهڙو دراز قد انسان ۽ هوسڙي شھر جي ڪائونسلر حاجي خان جهڙو ننڍڙي قد وارو ماڻهو ڏنو، اتي هن الھہ وسائي شيديءَ جهڙي گهڻ کائو انسان کي بہ جنم ڏنو آهي، جيڪو پنگريي، ضلعي بدين جو رهاڪو آهي. الھہ وسايو شيدي، ڌار ڌار وقتن تي هڪ مڻ ونگا، ڏھہ سير گدرا، ڏھہ سير انگور، سائي گاھہ جون ڏھہ ويڙهيون، 30 ڪڪڙيون، 6 ڪلو گوشت، 100 ڪوپ چانھہ ۽ 50 کن بوتلون (گڏي) کائي ۽ پي سگهندو هو! اخبارن موجب هن کي هزارين ماڻهن پنھنجي اکين سان ايترو کائيندي ڏٺو. تازو وفات ڪري ويو آهي.