الھڏتو وگهيو

الھڏتو وگهيو: سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ ڪھاڻيڪار، الھڏتو ’امر‘ وگهيو ولد علي بخش وگهيو 8 فيبروري 1959ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ ڪنڊياري مان حاصل ڪئي. 1975ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ ۾ جونئر ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيو. مختلف انتظامي عھدن تي رهڻ ۽ ترقي ماڻڻ کانپوءِ پھريون ڀيرو 2008ع ۾ ۽ پوءِ 2011ع کان 2019ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ بورڊ جا ڪيترائي اهم ڪتاب شايع ٿيا. مارچ 2019ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جو سيڪريٽري بہ رهيو. 18 اپريل 2020ع تي جيري جي ڪئنسر سبب ڄام شوري ۾ وفات ڪئي. کيس ڪنڊياري ڀرسان پنھنجي اباڻي ڳوٺ حاجي خان ۾ دفن ڪيو ويو. ماٺيڻي اوٺي جي شخصيت بابت هڪ ڪتاب 1980ع ۾ ترتيب ڏئي ڇپائي چڪو آهي. ان کان علاوہ سندس ڪھاڻيون ۽ مضمون ٽه ماهي ’مھراڻ‘ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.


لفظ الھڏتو وگهيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.02.08  عيسوي

سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ ڪھاڻيڪار، الھڏتو ’امر‘ وگهيو ولد علي بخش وگهيو 8 فيبروري 1959ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ اسحاق ملا اربعائي
آصف فرخي ڊاڪٽر
چوڌري رحمت علي
عمرالدين زرداري
ٻڍو فقير وگهامل
جوڻيجو سلطان احمد ڊاڪٽر
سر عبدالرشيد جسٽس
شيخ ثناءُ ﷲ
زبيدہ گهانگهرو
رمضان ساريو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون