الھڏتو وگهيو

الھڏتو وگهيو: سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ ڪھاڻيڪار، الھڏتو ’امر‘ وگهيو ولد علي بخش وگهيو 8 فيبروري 1959ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ ڪنڊياري مان حاصل ڪئي. 1975ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ ۾ جونئر ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيو. مختلف انتظامي عھدن تي رهڻ ۽ ترقي ماڻڻ کانپوءِ پھريون ڀيرو 2008ع ۾ ۽ پوءِ 2011ع کان 2019ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ بورڊ جا ڪيترائي اهم ڪتاب شايع ٿيا. مارچ 2019ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جو سيڪريٽري بہ رهيو. 18 اپريل 2020ع تي جيري جي ڪئنسر سبب ڄام شوري ۾ وفات ڪئي. کيس ڪنڊياري ڀرسان پنھنجي اباڻي ڳوٺ حاجي خان ۾ دفن ڪيو ويو. ماٺيڻي اوٺي جي شخصيت بابت هڪ ڪتاب 1980ع ۾ ترتيب ڏئي ڇپائي چڪو آهي. ان کان علاوہ سندس ڪھاڻيون ۽ مضمون ٽه ماهي ’مھراڻ‘ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.


لفظ الھڏتو وگهيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.02.08  عيسوي

سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ ڪھاڻيڪار، الھڏتو ’امر‘ وگهيو ولد علي بخش وگهيو 8 فيبروري 1959ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شبنم اداڪارہ
ڊيموڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
عمرالدين زرداري
خفيف II
چوڌري محمد علي
ڏاهري جان محمد
انور ضياءُ عباسي
سوامي گرمکداس مهراج
پير شيخ جيئو
خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون