راڳي الهڏنو خاصخيلي

راڳي الهڏنو خاصخيلي

الھڏنو خاصخيلي

الھڏنو خاصخيلي: مشھور فنڪار الھڏنو ولد علي محمد خاصخيلي، 25 جنوري 1966ع تي، ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ ڄائو. ايم اي ۽ بي ايڊ تائين تعيلم حاصل ڪئي. هن پاڻ کي هڪ فنڪار طور متعارف ڪرايو. سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. فني خدمتن عيوض کيس حسنِ ڪارڪردگي اوارڊ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ مليا. گورنمينٽ پي سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾ موسيقيءَ جو استاد رهيو، سندس والد استاد علي محمد خاصخيلي، استاد محمد جمن جو شاگرد هو. الهڏني پنھنجي والد علي محمد خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. هن ريڊئي ۽ ٽي ويءَ تي خوب ڳايو، پر عوامي ميڙاڪن جو مقبول فنڪار رهيو. شيخ اياز، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، غلام حسين رنگريز ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعريءَ کي نئين رنگ ۾ ڳائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. 24 جون 2016ع تي، ٽنڊي الهيار لڳ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪئي، کيس مير بٺوري ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ الھڏنو خاصخيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.25  عيسوي

الهڏنو علي محمد خاصخيلي ، 25 جنوري 1966ع تي ٺٽي ۾ ڄائو


2016.06.24  عيسوي

الهڏنو خاصخيلي 24 جون 2016 تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خادم حسين ديوانو
فوزيہ سومرو
زرداري غلام حسين
فقير منور علي دايو
غلام حيدر تمراڻي فقير
ٻارٽ
شمن علي ميرالي
سائين مرنا
ڪارو شڪاري
ثمينه گل
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون