
الهڏنو فقير ماڇي
الھڏنو فقير ماڇي: الھڏنو فقير ماڇي، سگهڙ، شاعر ۽ ڳائڻو ٿي گذريو آهي. الھڏنو فقير جيئندي ماڇيءَ جو پٽ هو ۽ موجودہ سنجهوري تعلقي جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ 1880ع ڌاري ڄائو هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. ان وقت پير حسن بخش شاھہ ڊٺڙي واري بزرگ ۽ شاعر سان هن جي ڏيٺ ويٺ ٿي، جنهن کيس پنھنجي مريدن ۾ شامل ڪيو. ان وقت کان وٺي الھڏنو فقير يڪتاري تي پير حسن بخش شاھہ ۽ ٻين صوفي شاعرن جون ڪافيون چوڻ لڳو، پير حسن بخش شاھہ جي وفات کان پوءِ کاڻي راڄڙ جي رهاڪو عوامي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي صحبت ۽ شاگردي اختيار ڪيائين. ان وقت الھڏنو فقير پنهنجون ڪافيون ٺاهي پڻ ڳائڻ لڳو. 1925ع ڌاري الهڏني فقير پنھنجي ٻالڪن جي ٻاري يا ٽولي ٺاهي، کين جاما پارايا ۽ يڪتاري، دلي ۽ ڏنڊي جي وڄت تي ڳائڻ لڳا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنھنجي ڪتاب ”اسان جو ڳوٺ جعفر لغاري“ ۾ لکي ٿو تہ الھڏنو فقير لسيون ڪافيون چوندو هو، پر سر تار سان ڳائيندو هو، شروع ۾ راڳڻي ڪري، تارَ چِڪائي، ڀريي مان مصرع کڻندو هو ۽ وچ ۾ بيت هميشہ مصراعن جي موضوعن مواقف ڏيندو هو. انهيءَ رمز ۾ هو ٻين کان وڌيڪ هو.
الھڏنو فقير هر هاري هو، پر لکڻ پڙهڻ سکي ڪافيون ڪلام سھڻي صورتخطيءَ ۾ لکندو هو. هن 1940ع کان وٺي ڪافيون جوڙڻ شروع ڪيائين، 1000 کان وڌيڪ ڪافيون ٺاهيائين. الهڏني فقير 7 مئي 1962ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ وفات ڪئي، تعلقي کپري جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ پنھنجي دوست منٺار فقير راڄڙ جي مقام ۾ مدفون ٿيو .
1880.00.00 عيسوي
الهڏنو فقير ماڇي سنجهوري تعلقي جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ 1880ع ڌاري ڄائو
1962.05.07 عيسوي
الهڏني فقير 7 مئي 1962ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ وفات ڪئي ، تعلقي کپري جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ پنهنجي دوست منٺار فقير راڄڙ جي مقام ۾ مدفون ٿيو .