الھڏنو مھر: سگهڙ الھہ ڏنو پٽ گل بيگ مهر، ڳوٺ ڪنڊي تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ سال 1290ھہ/1873ع ۾ ڄائو. کيس ٻين بہ ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هو. پنھنجي ڪلام ۾ ٿر جا محاورا گهڻا ڪم آندا اٿس. اڻ پڙهيل هو. پير پکڙائيءَ جو مجاور هو، تنهنڪري ان جي حب ۾ گهڻو ڪلام ڇپرايو اٿس، مالوند ماڻهو هو، جنهنڪري بيتن ۾ مال جا گهڻا نالا ڪتب آندا اٿس. ميلن ۽ مارڪن جو شوقين هو. سندس ٻہ پٽ گل بيگ ۽ ڌڻي بخش بہ پيءُ وانگر سگهڙ آهن. هن 80 ورهين جي ڄمار ۾ سال 1370ھہ/1950ع ۾ وفات ڪئي.
1873.00.00 عيسوي
الهه ڏنو مهر 1873ع ۾ ڄائو
1950.00.00 عيسوي
الهه ڏنو مهر 1950ع ۾ وفات ڪئي