الھڏنو نل بازار

الھڏنو (نل بازار ):ھي ماڳ 24◦57′ اوتر ويڪرائي ڦاڪ 67◦10′ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ڪراچيءَ کان ٻٽيھہ ڪلو ميٽر اتر طرف آھي. ھتان ٽن دورن جا آثار ملن ٿا. ھتان ملندڙ وٿون سنڌو تھذيب ۽ ھڙاپا دور سان تعلق رکن ٿيون. وٿن ۾ اڏاوتون مليون آھن، جيڪي پٿر ۽ ڪچين سرن جون ٺھيل آھن. ھي ڪنھن ڪھني شھر جا آثار آھن. ھتان سون ۽ چانديءَ جون وٿون بہ ھٿ آيون آھن. ھي دڙو زمين جي سطح کان چار ميٽر اوچو ۽ ھڪ سؤ چورس ميٽر جي پکيڙ ۾ آھي. ھي دڙو 100 فوٽ ڊگهو ۽ 100 فوٽ ويڪرو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو