الهڏنو نوناري

الهڏنو نوناري

الھڏنو نوناري

الھڏنو نوناري: استاد الھڏنو نوناري، سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن 1885ع ۾، سکر ويجهو ڳوٺ باگڙجي، (هاڻي شڪارپور ضلعو) ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جو پھريون گائڪ هو، جنھن ديسي سنڌيءَ راڳ سان گڏ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ بہ مھارت حاصل ڪئي. خاص طور تي ”تان“ ۾ وڏي مھارت رکندو هو. استاد عاشق علي خان جو شاگرد بڻيو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس انداز ۾ ئي ڳائيندو هو ۽ اڪثر ساڻس گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز، سنهو، اوچو ۽ لوچدار هو، جنھن ۾ عجيب ترنم ۽ سوز موجود هو. هن خاصيت سبب هُو ڪافيون ۽ مرثيا نھايت پرسوز انداز ۾ ڳائي سگهندو هو. هن کي ”تلنگراڳ تي وڏي مھارت حاصل هئي، ان کان سواءِ آسا ۽ ڀيروي بہ ڪمال جي ڳائيندو هو. هن ممبئي، لکنئو ۽ مدراس ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. سندس سوين ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن. هن 21 جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي.


لفظ الھڏنو نوناريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.07.21  عيسوي

استاد الھڏنو نوناري، سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن 1885ع ۾، سکر ويجهو ڳوٺ باگڙجي، (هاڻي شڪارپور ضلعو) ۾ جنم ورتو. استاد الھڏنو نوناريءَ 21 جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زاهده پروين
سرمد اياز
فقير عبدالغفور
شاهاڻي منصور فقير
استاد نياز احمد خان
امام بخش زرداري
استاد احمد خان
زينت شيخ
سرمد سنڌي
ڌمالي فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون