الھہ آباد: هن ڦٽل شھر جا آثار ”کڙ“ نالي ڳوٺ ڀرسان دولت پور صفن کان اتر ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي آهن. ميان محمد مرادياب خان ڪلهوڙي کي جڏهن حڪومت جو پروانو مليو تہ هن نصرپور لڳ درياھہ جي ٻئي ڪناري تي خيما کوڙيا هئا ۽ اتي جلوس (تخت نشيءَ) جي رسم ادا ڪئي هئائين، انهي هنڌ ميان صاحب پنھنجي نالي سان هڪ شھر آباد ڪري، ان جو نالو ’مراد آباد‘ رکيو . ڪجهہ عرصي بعد ٻوڏ سبب اهو شھر تباھہ ٿي ويو. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ’محمد آباد‘ جي ڀرسان هڪ نئون شھر ’الھہ آباد‘ جي نالي سان آباد ڪيو، اڳتي هلي ميان غلام شاھہ شھر جو نالو ’الھہ آباد‘ مان ڦيرائي ’شاهپور‘ رکيو. شھر ننڍو هجڻ سبب گهڻي عرصي تائين حڪومت جو مرڪز نہ رهيو ۽ جلد ان کي ترڪ ڪري هڪ نئون شھر ’حيدرآباد‘ جي نالي سان آباد ڪيو ويو. شاهپور هن وقت هڪ معمولي ڳوٺ آهي. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي شاهپور نالي هڪ ٻيو بہ شھر آباد ڪرايو هو.