الهه آباد درٻار

الهه آباد درٻار

الھہ آباد درٻار

الھہ آباد درٻار (ڪنڊيارو ):هن درٻار جو بنياد 1973ع ڌاري حضرت سُهڻا سائين رحه، پنھنجي مخلص مريدن ڊاڪٽر عبدالطيف چنا ۽ ٻين جي اصرار ۽ تعاون سان رکيو. اها درٻار ڪنڊياري ۾ مين روڊ ، باءِ پاس لڳ واقع آهي. سھڻا سائين هن مرڪز جي قائم ٿيڻ کان وفات تائين پاڻ هتي سڪونت پذير رهيو. سندس مزار بہ هتي ئي آهي. هتي مسجد کان علاوہ مدرسو بہ ٺاهيو ويو، جتان هن وقت تائين ڪيترائي حافظ ۽ عالم ٿي نڪتا آهن. هن مرڪز تي هر اسلامي مهيني جي 27 تاريخ تي روحاني محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ عقيدتمند بہ شريڪ ٿيندا آهن. هن مرڪز ۾ مردن جي مدرسي کانسواءِ عورتن جي اصلاح ۽ ديني تعليم لاءِ پڻ انتظام ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو