الھہ اوڀايو ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي دادو ۾ آهي. ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. هڪ ملاح الھہ اوڀايو جي نسبت سان هن ڍنڍ جو نالو آهي. هن ڍنڍ کي فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن. چيو وڃي ٿو تہ هن ڍنڍ تي اڳي هڪ پتڻ هيو، جيڪو مورڙو پتڻ سان مشھور هو. ياد رهي تہ مورڙي ميربحر جي والد جو نالو بہ الھہ اوڀايو هيو. هنن ٻنهي نالن جي ڇا حيثيت، اهميت ۽ لاڳاپو آهي ۽ اهي ڪيئن هتي ملن ٿا، تنهن تي تحقيق جاري آهي.