الھہ بخش جنجهڻ

الھہ بخش جنجهڻ: الھہ بخش جنجهڻ جو ذڪر، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ ملي ٿو. جڏهن ميان سرفراز حڪمران ٿيو. ان وقت جن اميرن کي اڳتي آندائين، الھہ بخش جنجهڻ بہ انهن مان هڪ هو. هن جو نالو شاھہ الھہ بخش ذات جنجهڻ لکيو ويو آهي. سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ مير بھرام خان قتل ٿيو. هن ڏس ۾ الھہ بخش پوري طرح باخبر هو. مير فتح علي خان انتقامي طور ميان سرفراز ڪلهوڙي جي محل تي حملو ڪرايو تہ هيءُ امير بہ ان ۾ شريڪ رهيو. الھہ بخش جنجهڻ راڄي ليکي ۽ پوءَ تاجي ليکيءَ جو خاص مددگار رهيو. مير بجار خان عمر ڪوٽ تي قبضو ڪيو. ان وقت الھہ بخش جنجهڻ اڳتي وڌي هن کان ڪوٽ ڇڏايو. لانياريءَ جي جنگ ۾ وڙهيو، پر سرڪاري لشڪر شڪست کاڌي. ان وقت مير بجار سان وڃي مليو. عبدالنبي ڪلهوڙو 1191ھہ/1777ع ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو تہ ان الھہ بخش جنجهڻ کي قيد ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو، جتي قيد ۾ رهندي فوت ٿي ويو. غلام حسين، الھہ بخش جنجهڻ جو پٽ هو. کيس عبدالنبي ڪلهوڙي جي دور ۾ چڱي اهميت ملي. سن 1198/1783ع ۾، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن پاران وڙهندي مارجي ويو .


لفظ الھہ بخش جنجهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1783.00.00  عيسوي

الهه بخش جنجهڻ 1198/1783ع ۾ ، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن پاران وڙهندي مارجي ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀرٽ عبدالحق
آريسر عبدالغفور
بلاول بيلجم
شورو ڄام خان
علي نواز انڙ
سيد موٽيل شاھہ سبزواري
شھڪ ڏاڏو
روشن آرا مغل
غلام شبير قريشي
آچار ڪاڪو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون