الهه بخش سرشار عقيلي

الهه بخش سرشار عقيلي

الھہ بخش سرشار عقيلي

الھہ بخش ”سرشار“ عقيلي: ناميارو شاعر الھہ بخش ولد حافظ محمد صديق عقيلي ڪراچيءَ شھر ۾ 21 جنوري 1907ع تي ڄائو. ”سرشار“ سندس تخلص هو. روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ کان ملازمت شروع ڪيائين ۽ 1958ع ۾ ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. غزل جو بلند پايه شاعر ۽ عروض جو وڏو ماهر هو. هن نثر ۾ پڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو عقيدتمند هو. سندس تصنيفن ۾ ’رموز النساء‘، ’دعوت اسلام‘ (ترجمو)، ’مناسڪ الحج‘، ’سنڌي راڳ جي مختصر تاريخ‘، ’علم هيئت‘، ’تذڪره سھروردي‘ شامل آهن. 15 جنوري 1972ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.01.21  عيسوي

الهه بخش 21 جنوري 1907ع تي ڄائو


1972.12.15  عيسوي

الهه بخش 15 جنوري 1972ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪندر خان کوسو
دريا خان فقير
بھاري لال
الطاف عباسي
حاجي مريد مهيري
انور قنبراڻي
بھادر فقير لغاري
داغ ٽکڙائي
سدارام ڀڳت
علي نواز ڏاهري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون