الهه بخش شاهه بخاري

الهه بخش شاهه بخاري

الھہ بخش شاھہ بخاري

الھہ بخش شاھہ بخاري: سيد الھہ بخش شاھہ بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي، ڳوٺ تُنيا بقا شاھہ، تعلقي ڪنڊياري ۾، صوفي بزرگ حاجي ٻُڍل شاھہ ”حُسينيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاھہ (موجودہ ايڇ. ايم خواجہ هاءِ اسڪول) مان ڪيائين. بي. اي 1954ع ۾ ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) 1966ع ۾ ڪيائين. 1950ع کان 1954ع تائين نورمحمد هاءِ اسڪول، ۽ 1958ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1- ۾ بحيثيت استاد ملازمت. جولاءِ 1958ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بطور پروڊيوسر مقرر

ٿيو ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ پروگرام مينيجر، بھاولپور ۽ خيرپور ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر بہ رهيو، جتان 31 آڪٽوبر 1991ع تي رٽائر ڪيائين. 12 جون 1994ع کان 14 نومبر 1996ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. 19 نومبر 2008ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪيائين، کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سيد الھہ بخش شاھہ بخاري صوفي مسلڪ جو ماڻهو هو، سلسلي ’قادريه‘ ۽ ’چشتيه‘ جو طالب هو ۽ انهيءَ نسبت جي ڪري راڳ سان گهڻو لڳاءُ هئس. ڪيترن ئي ناميارن راڳين سان سندس سٺا لاڳاپا رهيا .


لفظ الھہ بخش شاھہ بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.11.01  عيسوي

سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي ، ڳوٺ تُنيا بقا شاهه ، تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو


2008.11.19  عيسوي

سيد الهه بخش شاهه بخاري 19 نومبر 2008ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف علي ٻرڙو
فيروز شاھہ تغلق
ابو طالب
قمر راڄپر
جلباڻي احمد علي خان
طالب حسين مغل
رڻمل جاڙيجو
الاهي بخش اڄڻ
ساقي عبداللطيف
ٽوبن جيمز
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون