الهه بخش نظاماڻي

الهه بخش نظاماڻي

الھہ بخش نظاماڻي

الھہ بخش نظاماڻي: سنڌ جي معروف شخصيت، الھہ بخش ايم. نظاماڻي 30 مارچ 1905ع تي ماتليءَ جي ڀرسان تاريخي شھر ٺريءَ لڳ (جيڪو هاڻي غيرآباد ٿي ويو آهي). نظاماڻين جي ڳوٺ ۾ ڄائو. علي ڳڙھہ مان ايم. اي ۽ بمبئيءَ مان بي. ٽي ڪري سنڌ ۾ اُستاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان وءِ نورمحمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج جي پرنسپال طور حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. آخر ۾ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جو اعزازي سيڪريٽري پڻ ٿيو. لوڪ ادب تي ايم. اي. سنڌيءَ لاءِ سندس لکيل مقالو 1971ع ۾ سنڌالاجيءَ طرفان ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“ جي نالي سان شايع ٿيو. هن 15 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪئي.


لفظ الھہ بخش نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.03.30  عيسوي

سنڌ جي معروف شخصيت ، الهه بخش ايم . نظاماڻي 30 مارچ 1905ع تي ماتليءَ جي ڀرسان تاريخي شهر ٺريءَ لڳ ( جيڪو هاڻي غيرآباد ٿي ويو آهي ) . نظاماڻين جي ڳوٺ ۾ ڄائو


1980.08.15  عيسوي

الهه بخش نظاماڻي 15 -آگسٽ- 1980ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ائينيمري شمل ڊاڪٽر
سيف ﷲ ميربحر
ابوالحسن
صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي
خلف بن محمد ديبلي
الاهي بخش اڄڻ
شيخ علي سيوستاني
عبدالسلام ٿهيم
اقبال چوڌري
الھبچايو مرڻاس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون