الھہ بند

الھہ بند/ بند: سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي ٺهيل هيءُ بند 1232ھہ/1817ع واري زلزلي ۾ ازخود ٺھي پيل قدرتي بند آهي. هن زلزلي سبب ڍورو (اڀرندو نارو) اصل جاءِ تان پنهنجو رُخ ڦيرائي ويو. ”الھہ بند“ لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ پنجن کان 6 فٽ اوچو آهي. ڇاڪاڻ تہ اهو قدرتي طور اڀريو ۽ بند جهڙو آهي، انڪري ان جو نالو پئجي ويو ’ بند‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو