
الهه بچايو ٽالپر
الھبچايو ٽالپر: نامور سياستدان مير الهبچائي ٽالپر 1913ع ڌاري جهڏي ضلعي ميرپورخاص ۾ مير فتح محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل خيرپور ميرس جا هئا، جتي اڄ بہ سندن وڏي لقمان خان ٽالپر جي نالي سان منسوب’لقمان پاڙو‘ مشھور آهي. بعد ۾ ڏيڍ سؤ سال اڳ اچي جهڏي شھر ۾ آباد ٿيا. مير الهبچائي شروعاتي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، جتي شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو سندس استاد هو. مير الهبچائي ورهاڱي کان اڳ علي ڳڙھہ يونيورسٽي مان گرئجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ريڊنگ يونيورسٽي انگلنڊ (Reading University England) مان 1936ع ۾ بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1938ع ۾ آمريڪا جي ٽيڪساس يونيورسٽي مان زراعت ۾ ايم ايس سي ڪئي ۽ سنڌ جي پهرئين زرعي ماهر هئڻ جو اعزاز ماڻيو. هن لنڊن مان ميون جي پالنا ۽ پولٽري فارم متعلق بہ خصوصي تعليم حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هن سنڌ ۾ پهريون ميون جو فارم ۽ ڪڪڙين جو پولٽري فارم ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو. زرعي ماهر هجڻ سبب جديد زرعي طريقن ۽ جديد اوزارن جي استعمال سان پوکيءَ جا ڪامياب تجربا ڪيا. ان کانسواءِ چوپائي مال پالڻ جو بہ کيس وڏو شوق هو. مينهن، ٻڪرين، رڍن ۽ ڍڳن جا ڌڻ رکيا. اعليٰ نسل جا گهوڙا، مارواڙ ۽ گجرات جون تيز هلندڙ گهوڙيون بہ وٽس هونديون هيون، جيڪي اڪثر نمائش ۾ لاهور موڪليندو هو. مير الھہ بچايو آل انڊيا ڪيٽل شو دهليءَ جي ڪميٽيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ پئنل جج پڻ چونڊيو ويو. ’سرسبز‘ جي نالي سان ڪڻڪ جي هڪ بھترين جنس پڻ متعارف ڪرائي. ان کان علاوہ امريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا جا حڪومتي سطح تي ڪيترائي وفد سنڌ ۾ مير صاحب وٽ سرڪاري طور دؤرا ڪيا. مير صاحب پاڻ بہ ملڪ کان ٻاهر ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ ڪاٽن ڪميٽيءَ جو ميمبر، ڊائريڪٽر زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ آمريڪن سويابين ائسوسيئيشن جو تاحيات ميمبر پڻ رهيو. ڪامرس بئنڪ ۽ مسلم ڪمرشل بئنڪ جو اعزازي چيئرمئن بہ رهيو.آزاديءَ جي تحريڪ ۾ پنھنجي والد سان گڏ سرگرم رهيو. سندس شمار خاڪسار تحريڪ جي باني علامہ عنايت ﷲ مشرقيءَ جي انتهائي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. پاڻ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي، اولھہ پاڪستان جي ون يونٽ اسيمبليءَ (1953ع) ۽ مجلس شوريٰ جو ميمبر پڻ رهيو. سندس نالي پويان زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام ۾ ”الھبچايو ٽالپر چيئر“ پڻ قائم آهي.مسلسل اٺ سال ڊگهيءَ علالت بعد 23 مئي 2005ع تي 92 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.کيس جهڏي جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
00.00.1913 عيسوي
نامور سياستدان مير الهه بچائي ٽالپر 1913ع ڌاري جهڏي ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو .
24.05.2005 عيسوي
الهه بچايو ٽالپر 24 مئي 2005ع تي 92 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .