
الهه رکيو ڳورڙ
الھہ رکيو ڳورڙ: ناميارو استاد ۽ سماجي ڪارڪن الھہ رکيو ولد بشارت خان ڳورڙ، 14 جون 1935ع تي ڳوٺ سوجهري ڳورڙ ، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري مسلم اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان 1954ع ۾ڪيائين. بي. ايڊ 1962ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. اي (سنڌي) 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. استاد الهرکئي ڳورڙ ملازمت جي ابتدا اريگيشن کاتي ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪئي ۽ گڏوگڏ پڙهائي بہ جاري رکيائين. 1957ع ۾ ڳوٺ سڌار کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿيو. ان کانپوءِ 59-1958ع ڌاري بنيادي جمهوريت کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿيو ۽ جنهن بعد نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، بي. ايڊ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ پوءِ جولاءِ 1962ع ۾ استاد مقرر ٿيو، 1976ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لالو رائنڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين. هو 1992ع ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، جنهن بعد هائير سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ، جتان 1995ع ۾ رٽائر ڪيائين.
الھہ رکيو ڳورڙ ابتدا کان وٺي سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندو هو، هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪيترا سماجي ترقياتي ڪم ڪرايا، جن ۾ گرلز اسڪول ۽ بوائز مڊل اسڪول جو قيام بہ شامل آهي، جنهن کي اڳتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪرايائين. ڳوٺ ۾ پوسٽ آفيس، جانورن جي اسپتال، ايگريڪلچر آفيس، رورل هيلٿ سينٽر ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم بہ سندس ڪوششن سان قائم ٿيون. هن ڳوٺ جون گهٽيون ۽ رستا پڪا ڪرايا. استاد جي حيثيت ۾ هن ڪيترن شاگردن جي مدد ڪئي. رٽائرمنٽ بعد لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف رهيو. سندس آتم ڪٿا ’جيون سفر سِڪَ جو‘ 2010ع ۾ شايع ٿي. استاد الھہ رکيي ڳورڙ 13 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي. سندس ٽي ڪتاب ’هڪ هزار شاعرن جي شاعري‘، سنڌ جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري ۽ ’سنڌي سياڻا، ساھہ سيباڻا‘ ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهن.
14.06.1935 عيسوي
الهه رکيو ولد بشارت خان ڳورڙ ، 14 جون 1935ع تي ڳوٺ سوجهري ڳورڙ ، تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادو ۾ ڄائو .
13.03.2012 عيسوي
استاد الهه رکيي ڳورڙ 13 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي .