
گلوڪاره الهه وسائي
الھہ وسائي: مائي الھہ وسائي گائيڪيءَ جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جي لوڪ فنڪارہ ۽ شاعرہ هئي. هوءَ 1928ع ڌاري سجاول ضلعي جي ڳوٺ ’موٽي جي مياڻ‘ ۾ ڄائي.مائي الھہ وسائي گائيڪيءَ جي ڪلاسيڪي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندي هئي. هن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ئي ڳائڻ شروع ڪيو هو. هوءَ سنڌ جي مشھور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تن ڏينهن ۾ ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الھہ وسائي، ماسٽر چندر، خان بلوچ'>سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا. هن ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ بہ ڳايو سندس ڪجهہ آڊيو ڪيسٽيون جاري ٿيون. سجاول جي مير بحر گهراڻي سان تعلق رکندڙ مائي الھہ وسائي مشھور ڍولڪ نواز خميسي خان چانڊيي سان شادي ڪئي. کيس شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڄڻ تہ عشق هو. ان ڪري هوءَ سندس عرس تي هر حال ۾ پهچندي هئي ۽ ڳائيندي هئي. 2002ع ۾ کيس ڀٽائيءَ جي ميلي تي لطيف اوارڊ ڏنو ويو ۽ حڪومت پاران کيس هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ٿيو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ وارثن کي مليو. آخري وقت ۾ کيس ڳلي جو ڪينسر ٿيو، تنهن هوندي بہ ڀٽائيءَ جي عرس تي پهتي ۽ ڪلام ڳايا. 29 اپريل 2003ع ميرپور بٺوري ۾ وفات ڪئي، کيس مھر شاھہ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
1928.00.00 عيسوي
الهه وسائي 1928ع ڌاري سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي
2003.04.29 عيسوي
الهه وسائي 29 اپريل 2003ع ميرپور بٺوري ۾ وفات ڪئي، کيس مهر شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.