امام ابو دائود: امام ابو دائود هڪ بلند پايي جو محدث ٿي گذريو آهي. هيءُ سيستان ( ايران) ۾ 202هه/817ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ امام بخاريءَ جو هم سبق هو. سندس جمع ڪيل حديثن جو تعداد ڪافي آهي. علم حديث جي تحقيق ۾ هن ڪيترائي ڪشالا ڪٽيا ۽ وڏا سفر ڪيا. سندس گڏ ڪيل حديثن جي مجموعي ۾ تقريباً پنج هزار روايتون شامل آهن. هن عقيدن وغيره متعلق روايتون هڪ جدا مجموعي ۾ ڪٺيون ڪيون آهن، جن کي ’جامع ابو دائود‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. ابو دائود 73 سال جي ڄمار ۾ 275هه/888ع ۾ وفات ڪئي.
0202.00.00 عيسوي
امام ابو دائود: امام ابو دائود هڪ بلند پايي جو محدث ٿي گذريو آهي . هيءُ سيستان ( ايران ) ۾ 202هه/817ع ۾ پيدا ٿيو .
0817.00.00 عيسوي
امام ابو دائود: امام ابو دائود هڪ بلند پايي جو محدث ٿي گذريو آهي . هيءُ سيستان ( ايران ) ۾ 202هه/817ع ۾ پيدا ٿيو .
0275.00.00 عيسوي
ابو دائود 73 سال جي ڄمار ۾ 275هه/888ع ۾ وفات ڪئي .
0888.00.00 عيسوي
ابو دائود 73 سال جي ڄمار ۾ 275هه/888ع ۾ وفات ڪئي .