امام الدين ضامن 1

امام الدين ’ضامن‘: سنڌ جي مزاحيه شاعر امام الدين ’ضامن‘ 16 مارچ 1909ع تي ميهڙ ڀرسان دٻيءَ ۾ جنم ورتو. امام الدين انگريزن جي دؤر ۾ هڪ بهترين سنڌي مزاحيه شاعر هو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. والد جي وفات کانپوءِ هن تعليم پنجين درجي ۾ ڇڏي ٽپال کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي فقيريءَ جي تلاش ۾ نڪتو ۽ وڃي شهباز قلندر جي درگاهه وسايائين. شمس الدين ’بلبل‘ جي صحبت ۾ رهي شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’ضامن‘ هو. سندس مزاحيه شاعري ناصحانه گفتن سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻي مڃتا ملي. هن 1959ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.03.16  عيسوي

سنڌ جي مزاحيه شاعر امام الدين ’ضامن‘ 16 مارچ 1909ع تي ميهڙ ڀرسان دٻيءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي نمرو
مير انيس
لطف سيال
دانش اياز
حاجي احمد بخش
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
شير محمد لغاري
رفيق امروٽي
شاعر
عزيز الله عزيز بروهي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون